21 بدھ , فروری 2018
نڪور خبرون

سياري جا اهي کاڌا جيڪي بيماري کان بچائن ٿا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سياري ۾ انسان مختلف بيمارين جي ور چڙهي ويندو آهي جن ۾ زڪام، کنگھه ۽ ڳلي جي تڪليف عام آهن پر صحت مند کاڌن ذريعي نه رڳو انهن بيمارين کان بچي سگھجي ٿو پر سياري سبب صحت تي ناڪاري اثرن کان به بچي سگھجي ٿو. رڳو توهان کي سياري جي موسم ۾ هيٺ ڄاڻايل 5 کاڌن کي پنهنجي خوراڪ جو حصو بڻائڻو پوندو.

شمله مرچ:

 وٽامن سي جي گھٽتائي سبب انسان ٿڪاوٽ جو شڪار ٿي ويندو آهي تنهن هوندي وٽامن سي سان ڀرپور ميوا نارنگي، گريپ فروٽ ۽ ٻيا سياري جا ميوا آهن جيڪي جسم ۾ ٿيندڙ گھٽتائي کي پورو ڪندا آهن. ميون کان سواءِ شمله مرچ اهڙي شئي آهي جنهن ۾ نارنگي کان 3 سيڪڙو وڌيڪ وٽامن موجود هوندو آهي ان ڪري سياري ۾ پنهنجي خوراڪ ۾ شمله مرچ جي واڌ ضرور ڪريو.

ٻاف ۾ رڌل مڇي: سياري ۾ جلد جون بيماريون ٿيڻ عام ڳالهه آهي. سيءَ سبب اسان جي جلد خاص طور هٿن ۽ چهري جي جلد متاثر ٿيندي آهي پر ٻاف تي رڌل مڇي جلد جي بيمارين سان وڙهڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي.

کمبي:

کمبي اولهي کاڌن ۾ استعمال ٿيندي آهي اسان وٽ کمبي کي خوراڪ ۾ وڌيڪ استعمال ڪيو ويندو آهي. کمبي ۾ قدرتي طور اهڙيون خاصيتون موجود آهن جيڪي جراثيم ڪش هونديون آهن ۽ سياري ۾ انفيڪشن پيدا ڪندڙ جراثيم سان وڙهنديون آهن. کمبي ۾ وٽامن ڊي به وڏي انگ ۾ موجود آهي جيڪا اسان لاءِ فائدي مند آهي.

مڇيءَ جو تيل:

سياري جي موسم ۾ ڦڦڙن يا نفس جو نظام سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندو آهي. سيارو شروع ٿيڻ سان ئي ساهه وٺڻ ۾ تڪليف جهڙا مرض پيدا ٿيندا آهن جنهن سان ٻار ۽ وڏا متاثر ٿيندا آهن. مڇيءَ جو تيل انهن بيمارين سان وڙهڻ ۾ گھڻو ئي مددگار ٿابت ٿيندو آهي. ڇو ته ان ۾ اوميگا 3 ۽ اوميگا 6 وڏي انگ ۾ موجود هوندا آهن، اوميگا 3 ساهه وٺڻ جي عمل کي بهتر بڻائيندو آهي.

دار چيني:

دار چيني ۾ شامل اينٽي آڪسيڊنٽ جسم جو ميٽا بولزم وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي ان کان سواءِ انهضام يج عمل کي به بهتر بڻائيندوآ هي. ان ڪري دار چيني سياري ۾ کاڌي دوران پيش ايندڙ پيٽ جي بيمارين کان محفوظ رکندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرام سان کائو ۽ ٿولهه کان محفوظ رهو

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاچ سان ثابت ٿيو آهي ته آهستي آهستي کاڌو کائيندڙ ماڻهو ٿولهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے