15 اربع , آگسٽ 2018

سنڌ پوليس جو طالبان ڪنهن جي آسري پيو هلي؟

                         جيڪڏهن ڪنهن کان پڇجي ته ”طالبان“ جي وصف ڇا آهي؟ ته جواب ايندو ته عالمي دهشتگردي وڌائڻ لاءِ عالمي قوتن پاران پيدا ڪيل ”مجاهدين“، ”القاعده“، ”طالبان“ ۽ انهن جو نئون ايڊيشن ”داعش“ کي ٿلهي ليکي طالبان سڏي سگهجي ٿو، جن جي لاءِ مذهب وڏي ڍال ۽ عالمي قوتون خاص ڪري آميريڪا وڏي ڇانو آهن. حيرت انگيز طور طالبان کي انسانذات جي اولاد سان ڪوبه طريقو اختيار ڪرڻ جي اجازت آهي. ماڻهو اغوا ڪرڻ، ماڻهو مارڻ، بلڊنگون اڏائڻ، ماڻهو ماري ساڙڻ، بم ٻڌي وڏا وڏا حملا ڪرڻ ۽ واقعي جي شام يا ٻئي ڏينهن انهن واقعن جو ”سهرو“ پنهنجي مٿي تي سجائڻ ۽ ميڊيا کي پنهنجي ليکي اهو چوڻ ته ”ذميداري قبولڻ“ واري ڳالهه هر حال ۾ اچڻ گهرجي. ٻانهي ۽ غلام ميڊيا اهو سڀ ڪجهه ”طالبان ڪاميابي“ جي کاتي ۾ وجهي باقي جاچ ۽ جاچيندڙ خبرن جو باب بند ڪري ڇڏي ٿي.

سنڌ پوليس ۾ اهڙا ڪيترا آفيسر هوندا، جيڪي انسانن کي قتل ڪرڻ لاءِ مقابلا ڪن، انهن مٿان الزام گهڙين، اهي خبرون ڇپائين، ٽي وي پٽين کان ويندي پريس تائين خبرن جي زينت بڻجن، پاڻ ڏهڪاءَ جي علامت بڻجي وڃن، ته طالبان جي خوبين وارا اهي پوليس وارا ڪير ٿي سگهن ٿا. ؟ جيڪي هر ڪم طالبان جيئان ڪن ۽ هر الزام ”طالبان“ تي هڻي هر قتل ٿيندڙ ماڻهو ”طالبان جو اڳواڻ يا حمايتي“ سڏائين؟

13 جنوري تي ڪراچي ۾ هڪٻئي مبينه پوليس مقابلي ۾ هڪ نوجوان نقيب الله جي قتل سبب نئون بحث سامهون آيو آهي ۽ ملڪ ۾ جڙتو مقابلن جي حوالي سان ماحول جُڙيو آهي. مقتول جي وارثن موجب، حب چوڪيءَ تي پيٽرول پمپ تي ڪم ڪرڻ کان پوءِ هن سهراب ڳوٺ ۾ ڪپڙي جو دڪان کوليو هو پر کيس ماڊلنگ جو تمام وڏو شوق هيو. هي جي ”فيس بوڪ“ تي سندس ماڊلنگ جون اڻ ڳڻيون تصويرون پڻ سندس شوق جي تصديق ڪن ٿيون. انهن وارثن موجب هن ئي مهيني کيس دڪان تان ڪي ماڻهو کنڀي ويا ۽ سندس لاش گذريل هفتي ڇيپا سرد خاني مان مليو.

نوجوان نقيب الله جي قتل جو وزن رڳو پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، تحريڪ انصاف، سنڌ جي گهرو وزير سهيل انور سيال۽ ميڊيا ئي محسوس نه ڪيو آهي، پر ملڪ جي چيف جسٽس ثاقب نثار هڪ هفتي اندر سنڌ پوليس جي سربراهه اي ڊي خواجا کي ان باري ۾ رپورٽ مڪمل ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم صادر ڪيو آهي. جڏهن ته سنڌ جي گهرو وزير ڊي آءِ جي اوڀر سلطان خواجا کي ٽن ڏينهن ۾ رپورٽ ڏيڻ جو چيو آهي.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ان واقعي تي ”انساني حقن جي وزارت“ کان رپورٽ گهرندي کين ملڪ ۾ ان واقعي سميت ٻين ڪوڙن مقابلن ۽ گم ٿيل ماڻهن جي رپورٽ بابت ڄاڻ ڏيڻ جو چيو آهي.

ايس ايس پي ملير رائو انوار احمد موجب، نقيب الله مسحود اربع ڏينهن ان مبينا پوليس مقابلي ۾ پنهنجي ٽن ساٿين سميت شاهه لطيف ٽائون جي عثمان خاصخيلي ڳوٺ ۾ ماريو ويو. انهن جو لاڳاپو بندش پيل لشڪر جهنگوي، داعش ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان سان هيو. ان واقعي جي تفصيلن ۾ نقيب الله جو نالو ظاهر نه ڪيو ويو هو. سوشل ميڊيا تي ان قتل سبب تنقيد کان پوءِ ايس ايس پي چيو آهي ته هن جو ڪارڊ تي نالو ”نسيم الله “ لکيل هو، جيڪو وزيرستان جي تعلقي مڪين جو رهواسي ۽ طالبان جو سابق ڪمانڊر هيو. هن اهو پڻ چيو ته نقيب الله فوج تي حملي ۾ پڻ ملوث هيو. هن موجب 2004ع کان وٺي 2009ع تائين هو بيت الله مسحود جو گن مئن به رهيو. سندس ڀيڻويو پڻ طالبان جو سابق ڪمانڊر آهي.

ملڪ جي سول سوسائٽي ڪراچي، پشاور، ٽانڪ، وزيرستان ۽ ڊيرا اسماعيل خان سميت مختلف شهرن ۾ نقيب الله جي قتل تي ڪاوڙيل ۽ سوڳوار آهي ۽ عدالت ٻاهران انهن قتلن کي بند ڪرڻ جي گهر ڪري رهي آهي. ڊي آءِ جي ايسٽ سلطان خواجا چيو آهي ته ٽن ڏينهن ۾ اها انڪوائري مڪمل ڪري آءِ جي کي ڏني ويندي. جنهن کي به ان سلسلي ۾ بيان ڏيڻو آهي، اهو قلمبند ڪرائي سگهي ٿو.

هن اهم موڙ تي سنڌ پوليس جي ذميدار آفيسر اي ڊي خواجا مٿان پڻ وزن آهي ته هو انصاف واسطي جيڪي به سچايون آهن سي سامهون آڻي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ پوليس هٿان ڪوڙن مقابلن جو رواج ختم ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

ڇنڇر 20 جنوري  2018ع، 2 جمادي الاول 1439 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جا انتهائي اثر

سنڌ هونئن ئي گذريل ڪيئي ڏهاڪن کان پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏيندي رهي آهي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے