16 خميس , آگسٽ 2018

زينب جي قاتلن جي عدم گرفتاري تي پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف زينب قتل ڪيس جا جوابدار هڪ هفتو گذرڻ جي باوجود گرفتار نه ٿيڻ خلاف ٺهراءُ پنجاب اسيمبلي ۾ جمع ڪرايو ويو. تفصيل موجب پنجاب اسيمبلي ۾ ڊپٽي مخالف ڌر اڳواڻ ۽ تحريڪ انصاف جي ميمبر محمد سبطين خان زينب جي قتل جا جوابدار هڪ هفتو  گذرڻ جي باوجود گرفتار نه ٿيڻ خلاف ٺهراءُ پنجاب اسيمبلي ۾ جمع ڪرايو آهي. ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته سڄي صوبي ۾ ٻارڙين جي اغوا، زيادتي ۽ قتل جا واقعا بيهي نه سگهيا، زينب جي قتل جا جوابدار هن وقت تائين گرفتار نه ٿيڻ حڪومت ۽ پوليس جي ناڪامي جو ثبوت آهي. اهو ايوان حڪومت کان زينب جي قاتلن جي گرفتاري ۽ اغوا ۽ قتل جهڙن واقعن جي خاتمي لاءِ خاص قدم کڻڻ جو مطالبو ڪري ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

احتجاج جو واسطو نواز شريف سان نه پر انصاف سان هو: مصدق ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته احتجاج جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے