21 پیر , مئی 2018

پارليامينٽ بابت جيڪي به لفظ استعمال ٿيا ۽ جنهن به ڪيا انهن سان تڪليف ٿي: اياز صادق

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جو چوڻ آهي ته پارليمان لاءِ جيڪي لفظ استعمال ٿي رهيا آهن ۽ جنهن به ڪيا اُهي تڪليف ڏيندڙ آهن جڏهن ته سياستدان اهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن ته انهن کي اسيمبلين ۾ ٻيهر اچي حلف کڻڻو پوندو. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جو چوڻ هو ته اسان انهيءَ پارليامان جي حفاظت جو قسم کنيو آهي، پارليامان لاءِ جيڪي لفظ استعمال ٿيا ۽ جنهن به ڪيا اهي تڪليف ڏيندڙ آهن، انهن لفظن تي افسوس به ٿيو ۽ ڏک به ٿيو، اسان پاڻ حلف کڻندا آهيون ۽ ٽوڙيندا به پاڻ آهيون. جيڪي سياستدان اهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن انهن کي اسيمبلين ۾ ٻيهر اچي حلف کڻڻو پوندو. اياز صادق جو چوڻ هو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته پارليامينت جي عزت ڪيون، اهو مناسب ناهي ته ٻاهر جيڪي ڳالهيون ٿين انهن تي ايڪشن وٺون، ايوان ۾ اها ڳالهه ٿئي ها ته شايد ٻئيءَ طرح ڏسون ها، پارليامينٽ جي توهين اداري کي نقصان رسائڻ جي برابر آهي. جمهوريت کان سواءِ ڪو به سسٽم آيو ته اهو سڀني جي سامهون  آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته جمهوري سسٽم بهتر هيو يا ڪو ٻيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Aaron Field Reference: Nawaz Sharif statement began to embark on

ايون فيلڊ ريفرنس: نواز شريف بيان قلبند ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت ۾ ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي جاري، ڪيس جي ٻڌڻي …