24 خميس , مئي 2018

ملڪ دشمن بزدلاڻين ڪاررواين ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندا: سهيل امان

 ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) هوائي فوج جي سربراهه سهيل امان چيو آهي ته ملڪ دشمن پنهنجي بزدلاڻين ڪاررواين سان ڪڏهن ڪامياب نه ٿي سگهندا، پاڪستان الله جي مهرباني سان ترقي جي رستي هر صورت ۾ هلندو رهندو. پاڪستان ايئر فورس بيس ڪورنگي ڪريڪ ڪراچي ۾ ايئرو اپرينٽنسز جي پاسنگ آئوٽ پريڊ ڪوٺائي وئي جنهن ۾ ايئر چيف خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي ايئر چيف چيو ته هوائي فوج عالمي هوائي معيار جي بهترين پيشور ماهر تيار ڪرڻ لاءِ جديد تربيت فراهم ڪري رهي آهي، جڏهن ته اسان جي فوج جديد ۽ ملڪي طرز جي هٿيارن جي نظام، ريڊار ۽ اعليٰ اوزارن سان ليس آهي. هن چيو ته ملڪ دشمن بزدلاڻين ڪاررواين سان ڪڏهن ڪامياب نه ٿي سگهندا، پاڪستان الله جي مهرباني سان ترقي جي رستي تي هلندو رهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مخالفن مون کي ڪڍي پاڪستان جي ترقي جو ڦيٿو بيهاري ڇڏيو: نواز شريف

اٽڪ(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته مخالفن مون کي ڪڍي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے