24 ہفتہ , فروری 2018

حافظ سعيد خلاف قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي: آمريڪا

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته حافظ سعيد خلاف 2008ع ۾ممبئي حملن جي ڪيس ۾ قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. آمريڪي پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني وزيراعظم حافظ سعيد خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪري رهيو آهي تنهن ڪري آمريڪا طرفان پاڪستان کي پيغام موڪليو ويو آهي ته حافظ سعيد خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.  آمريڪي پرڏيهي آفيس جي ترجمان هيدر رنورت چيو ته آمريڪا چاهي ٿو ته پاڪستان حافظ سعيد خلاف قانون موجب لازمي ڪارروائي ڪري ڇو ته اسان سمجهون ٿا ته هو 2008ع ۾ آمريڪي حملن جو سربراهه آهي جنهن ۾ آمريڪي شهرين سميت 166ماڻهو مارجي ويا. هن چيو ته حافظ سعيد کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل نهايت گهربل ماڻهن جي لسٽ ۾ رکيو آهي اها لسٽ القاعده تي تعذيرات ڪميٽي جوڙي آهي جنهن ۾ لشر طيبا کي به دهشتگرد تنظيم طور شامل ڪيو ويو آهي.  آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته اسان پاڪستان کي پنهنجي پنهنجي ڳڻتي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، اميد آهي ته حافظ سعيد تي ڪيس هلايو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ڪنگز جي پي ايس ايل ٿري ۾ فتح سان انٽري

دبئي (اسپورٽس نيوز) ڪراچي ڪنگز جي ٽيم ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي 20 رنسن تان شڪست ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے