17 جمعو , آگسٽ 2018

سياسي همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ نقيب الله جو نالو استعمال ڪيو پيو وڃي: رائو انوار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايس ايس پي رائو انوار چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو جيڪي دهشتگردن جا همدرد آهن اهي سوشل ميڊيا تي اهڙي بي بنياد مهم هلائي رهيا آهن ۽ نقيب الله جو نالو استعمال ڪري وزيرستان جي ماڻهن مان همدردي حاصل ڪرڻ چاهن ٿا ۽ هڪ سياسي تنظيم جي ماڻهو جيڪي گذريل ڏينهن ڪراچي جي علائقي ۾ هڪ معصوم سان زيادتي جيڪا نه ٿيڻ گهرجي ها جي آڙ ۾ ڪراچي ۾ افراتفري پکيڙي رهيا آهن ان سياسي پارٽي جي عهديدار حليم عادل شيخ هڪ غريب چوڪيدار کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ اسڪول ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرائي جنهن تي ان عهديدار خلاف ٻه ايف آءِ آر داخل ٿيا جنهن جو بدلو وٺڻ لاءِ ڄاڻايل واقعي سوشل ميڊيا هلايو ۽ پروپيگنڊه مهم هلائي جيئن پوليس ۾ سٺو ڪم ڪندڙ آفيسرن کي بدنام ڪيو وڃي ۽ ڪراچي ۾ ڏڦيڙ ۽ بي يقيني واري صورتحال پيدا ڪري سگهجي. ڪراچي ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان جي حوالي سان ميڊيا جي خبرن تي وضاحت ڏيندي ايس ايس پي رائو انوار جو چوڻ هو ته گذريل ٻن ڏينهن کان ڪراچي شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس سان فائرنگ جي وڏي وٺ ۾ مارجي ويل دهشتگرد نقيب الله جنهن جو قومي سڃاڻپ ڪارڊ نمبر نسيم الله ولد محدم خان محسود جي مارجڻ تي بي بنياد ۽ ناڪاري پروپيگنڊا هلائي پئي وڃي جڏهن ته انٽيليجنس جي اطلاع موجب نقيب الله جنهن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان سان آهي جيڪو ڏکڻ وزيرستان ڊاڪخانا سان تعلق رکي ٿو ۽ پابندي مڙهيل تنظيم طرفان ڪيترين ئي دهشتگرداڻين ڪارروائين ۾ ملوث هيو جنهن ۾ ايف سي جي صوبيدار عالم جي شهادت، پنهنجي مائٽ اعجاز جي قتل ۽ ايف سي ڪيمپ تي حملي ۾ ملوث هو جنهن ۾ سندس مائٽ بٽو مارجي ويو. ايس ايس پي موجب نقيب الله ڪيترين ئي دهشتگرداڻين ڪارروائين ۾ ملوث هيو جيڪو دهشتگردن جي خلاف وزيرستان ۾ آپريشن شروع ٿيڻ تي فرار ٿي ڪراچي ۽ بلوچستان آيو ۽ نسيم الله جي نالي سان سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرايو جيئن سڃاڻپ لڪائي سگهجي ۽ بلوچستان جي تنظيم لا3 ڪم شروع ڪيو جيڪو دهشتگردن  سان گڏ مارجي ويو ۽ مارجي ويل جو ڪراچي ۾ ڪو به گهر يا دڪان ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ ٻوڏ سبب 100 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ تصديق

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ چوماسيءَ جي مينهن 106 ڄڻن جي فوت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے