17 جمعو , آگسٽ 2018

آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي ڪا به گنجائش ناهي: وزير اعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي ڪا به گنجائش ناهي، اڄ به اسيمبليون ٽوڙيون وڃن تڏهن به وقت کان اڳ چونڊون ممڪن ناهن، ڪجهه ماڻهن شيروانيون سبرائي رکيون آهن پر انهن کي موقعو نه ملنديون، کين پيغام ٿو ڏيان ته اهي شيروانيون لاهي المارين ۾ رکن ڇو ته چونڊون گرمين ۾ ٿينديون. ميڊيا سان ڳالهائيندي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته نواز شريف ۽ ضياءُ الحق وچ ۾ تعلق تي تاريخي ڪوڙ ڳالهايو پيو وڃي. نواز شريف جو ضياءُ الحق جو تعلق رڳو 29 مئي 17 آگسٽ 1988ع تائين هو، ان تعلق کي ماڻهو تاثر ڏئي رهيا آهن ته نواز شريف ضياءَ جي آمريت جي دور ۾ سياسي افق ڀريا. صدر ۽ وڏي وزير جو تعلق تقريبن محدود ئي هوندو آهي،  ضياءَ دور ۾ ڪيترائي ماڻهو وڏن وڏن عهدن تي پهتا ۽ اڄ انهن جي سياسي حيثيت ڪهڙي آهي؟ سڀ ماڻهو ان کان واقف آهن. جيڪو تجربو نواز شريف وٽ آهي اهو گهٽ ماڻهن وٽ آهي، هن پنهنجي اقتدار واري دور ۾ ملڪ ۾ ترقي جي بنياد رکي ۽ جعمهوريت کي هٿي ڏني، مٿس آمريت سان قرب جو تعلق وارو الزام غلط آهي. وزير اعظم وڌيڪ چيو ته بلوچستان اسيمبلي ميمبرن کي ٽيليفون ڪالون ڪيون ويون جڏهن ته سندس نگراني جي حوالي سان به خبرون سامهون آيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Money Laundering Scandal: Asif Zardari by consulting with lawyers After all, the decision to not be submitted in the Supreme Court

مني لانڊرنگ ڪيس: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مني لانڊرنگ اسڪينڊل ۾ بئنڪنگ ڪورٽ جاچ بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے