16 خميس , آگسٽ 2018

ڀارت داعش لاءِ ڀرتيون پيو ڪري، ڪنهن به مهم جو منهن ٽوڙ جواب ڏبو: پرڏيهي کاتي جو ترجمان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل چيو آهي ته ڀارتي آرمي چيف جو چڙ ڏياريندڙ ۽ غير ذميواراڻو بيان ڀارت جي ويڙهاڪ ذهنيت جو عڪس آهي، ڀارت جو تڪراري رويو ۽ وڏي پيماني تي هٿيارن جا ڍير علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهن، پاڪستنا ڪنهن به مهم جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو، آمريڪا سان سمورن شعبن ۾ سهڪار جاري آهي، ڀارت داعش لاءِ ڀرتيون ۽ افغان سر زمين پاڪستان ۾ تخريبي سرگرمين لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. هفتيوار پريس بريفنگ دوران پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل چيو ته ڀارت جو تڪراري رويو ۽ هٿيارن جا ڍير علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهي. ڀارت جي ڪوڙي دعويٰ ۽ بيان سندن ناڪارا صلاحيتن ۽ جارحاڻي عزمن جو عڪس آهن. هن چيو ته ڀارتي آرمي چيف جو چڙ ڏياريندڙ ۽ غير ذميواراڻو بيان افسوس جوڳو ۽ ڀارت جي ويڙهاڪ ذهنيت جو عڪس آهي جيڪو اسٽريٽجڪ ماحول کي وڌيڪ ڪمزور ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ڀارت تي دٻاءُ وڌائڻ جو خواهشمند ناهي ۽ انتهائي صبر جو مظاهرو ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

احتجاج جو واسطو نواز شريف سان نه پر انصاف سان هو: مصدق ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته احتجاج جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے