19 پیر , فروری 2018

وزير اعظم جي ڪوئيٽا ۾ پوليو ٽيم تي حملي جي مذمت، جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ڪوئيٽا ۾ پوليو ٽيم تي حملي جي مذمت ڪندي چيف سيڪريٽري، آءِ جي بلوچستان کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ جوابدارن جي فوري گرفتاري جي هدايت ڪري ڇڏي. وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي چوڻ هو ته پوليو جون ٽيمون ٻارن کي بيماري کان بچائڻ لاءِ خدمت انجما ڏئي رهيون آهن، پرعزم ڪارڪن قوم لاءِ پنهنجا سر خطري ۾ وجهندا آهن، پوليو ورڪر تي حملا اسان جي مستقبل تي حملا آهن، هن بلوچستان حڪومت کي هدايت ڪئي ته پوليو ٽيمن کي مڪمل سيڪيورٽي ڏني وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايون فيلڊ ريفرنس: نيب جي پراسيڪيوشن ٽيم جو سربراهه لنڊن روانو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف خلاف ايون فيلڊ پراپرٽيز ريفرنس ۾ شاهدن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے