19 پیر , فروری 2018

سعودي عرب ۾ حادثو، عمري تي ويل 4 پاڪستاني دوست فوت

دير لوئر (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ عمري تي ويل 4 پاڪستاني دوست اجل جو شڪار ٿي ويا. تفصيل موجب سعودي عرب ۾ هڪ گاڏي حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن ۾ سوار 4 پاڪستاني دوست فوست جڏهن ته ڊرائيور زخمي ٿي پيو. ٽريفڪ حادثو مدينا روڊ تي القسيم ڀرسان پيش آيو. فوت ٿيل ۽ زخمي ٿيل ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي. سمورن ماڻهن جو تعلق پاڪستان جي ضلعي لوئر دير جي علائقي ميدان سان هو. چارئي ڄڻا پاڻ ۾ دوست هئا جيڪي عمرو ادا ڪرڻ لاءِ سعودي عرب ويا هئا ۽ هڪ ئي ڳوٺ ۾ رهندا هئا. فوت ٿيلن ۾ انور زمين، نعيم الله، واحد گل ۽ سلطان باچا شامل آهن جن جي عمر 20 کان 25 ورهيه ٻُڌائي پئي وڃي. واقعي ۾ گاڏيءَ جو ڊرائيور آدم خان شديد زخمي ٿي پيو آهي جنهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايون فيلڊ ريفرنس: نيب جي پراسيڪيوشن ٽيم جو سربراهه لنڊن روانو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف خلاف ايون فيلڊ پراپرٽيز ريفرنس ۾ شاهدن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے