24 خميس , مئي 2018

آمريڪي سهڪار کان سواءِ فوج ۽ حڪومت 6 مهينا به نه هلي سگھندي: افعان صدر جو اعتراف

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افعانستان جي صدر اشرف غني چيو آهي ته آمريڪا جي سهڪار کان سواءِ افعان فوج ۽ حڪومت 6 مهينا به نه هلي سگھندي. پرڏيهي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ افغان صدر پنهنجي حڪومت جي نااهلي جو اعتراف ڪندي چيو ته آمريڪا جي حمايت کان سواءِ افعان انٽرنيشنل آرمي 6 مهينن کان وڌيڪ نه هلي سگھندي ۽ افغان حڪومت جو وجود به نه رهي سگھندو. اشرف غني جو چوڻ هو ته افغانستان کي 21 عالمي دهشتگرد تنظيمن کان خطرو آهي، پشتون بيلٽ جي وڏي حصي تي طالبان جو ڪنٽرول آهي ۽ ڪابل حڪومت کين بي دخل ڪرڻ جي صلاحيت نٿي رکي. طالبان جي طاقت ۾ واڌ ٿيندي پئي وڃي، عوام طالبان کان ايترو ته ڊنل آهي جو حڪومت تي يقين ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Two Pakistani Borders Killed In Rescue During Swing In South Africa

ڏکڻ آفريڪا ۾ ڌاڙي  دوران مزاحمت ڪرڻ تي  2 پاڪستاني ڀائر قتل

جوهانسبرگ(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا جي ڌاڙي دوران مزاحمت ڪرڻ تي ٻن پاڪستاني ڀائرن کي قتل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے