18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

نيوز: آءِ سي سي ايوارڊز: پاڪستان جي چيمپئنز ٽرافي ۾ ڪاميابي مومنٽ آف دي ايئر قرار

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل 2017ع ايوارڊز جو اعلان ڪري ڇڏيو جنهن موجب پاڪستان جي چيمپئنز ٽرافي ۾ ڪاميابي کي مومنٽ آف دي ايئر ۽ حسن علي کي ايمرجنگ پليئر آف دي ايئر قرار ڏنو ويو آهي.

آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل 2017ع جي فهرست ۾ ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي کي ون ڊي ڪرڪيٽر آف دي ايئر جي ايوارڊ سان نوازيو ويو.

 ويرات ڪوهلي گذريل سال 76.84 جي شرح سان اسڪور ٺاهيو جنهن تي کيس ون ڊي ڪرڪيٽر آف دي ايئر قرار ڏنو ويو، ڪوهلي ان کان اڳ 2012ع ۾ رڳو 24 ورهين جي عمر ۾ سال جي بهترين ڪرڪيٽر جو ايوارڊ پنهنجي نانءِ ڪيو هو.

 آءِ سي سي طرفان چيمپئنز ٽرافي جي فائنل مقابلي ۾ پاڪستان ۽ روايتي حريف ڀارت جي ميچ کي مومنٽ آف دي ايئر قرار ڏنو ويو، جنهن کي سڄي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهن ڏٺو.

 قومي ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي کي ايمرجنگ پليئر آف دي ايئر قرار ڏنو ويو، جنهن چيمپئنز ٽرافي دوران 13 وڪيٽون حاصل ڪيون.

آسٽريلوي ڪپتان اسٽيون اسمٿ کي ٽيسٽ ڪرڪيٽر آف دي ايئر قرار ڏنو ويو جنهن هڪ سال دوران 16 ٽيسٽ ميچن دوران 78.12 جي شرح سان هڪ هزار 875 اسڪور ٺاهيو، اسمٿ 8 سينچريون ۽ 5 اڌ سينچريون اسڪور ڪيون

هي به ڏسي سگهو ٿا

Nawabshah: Reel in the joy of choosing PTI Imran Khan Prime Minister

نيوز: نوابشاهه: پي ٽي آءِ پاران عمران خان وزيراعظم چونڊجڻ جي خوشي ۾ ريلي

 نوابشاهه ۾ پي ٽي آءِ پاران عمران خان وزيراعظم چونڊجڻ جي خوشي ۾ ريلي ڪڍي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے