21 بدھ , فروری 2018

آمريڪا شام ۾ پنهنجي فوج برقرار رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

واشنگٽن / دمشق ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن چيو آهي ته آمريڪي فوج شام ۾ موجود رهندي ته جيئن نه رڳو جهادين خلاف ويڙهه ۾ شامل ٿي پر شامي صدر بشار الاسد ۽ سندس اتحادي ايران جي طاقت خلاف مزاحمت ڪري سگهي. شام ۾ ستن ورهين جي گهرو ويڙهه جي حوالي بابت آمريڪي حڪمت عملي تي سٽينفرڊ يونيورسٽيءَ ۾  ڳالهائيندي پرڏيهي وزير  ريڪس ٽلرسن چيو ته آمريڪي فوج جو مشن پاڻ کي دولت اسلاميه سڏائيندڙ شدت پسند تنظيم جو خاتمو ۽ سندس واپسي کي روڪڻ آهي. هن چيو ته اڻڄايل مدي تائين فوج جي مقرريءَ جو مقصد شامي عوام لاءِ ان حد تائين استحڪام پيدا ڪرڻ آهي ته جيئن بشارالاسد کي اقتدار کان الڳ ڪري سگهن ۽ ايراني اثر کي رد ڪري سگهن. سندس چوڻ هو ته هن وقت آمريڪي فوج جي مڪمل نيڪالي جي صورت ۾ بشارالاسد ان قابل ٿي ويندو ته هو پنهنجي عوام خلاف ظالماڻو رويو اختيار برقرار رکي، پنهنجي ئي ماڻهن جو قاتل ڊگهي مدي جي استحڪام لاءِ گهربل اعتماد حاصل نه ٿو ڪري سگهي. ٻئي طرف شامي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته شام ۾ آمريڪي فوج جي موجودگي غير قانوني آهي ۽ شام جي خودمختياري خلاف اڳرائي ظاهر ڪري ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شريف ڀائر ڪوڙ ۽ منافقت جا ماهر آهن: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري الزام هنيو آهي ته شريف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے