21 بدھ , فروری 2018

ڪراچي جي علائقي شاهه لطيف ۾ مقابلو شڪي بڻجي ويو، بلاول طرفان جاچ جو حڪم

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شاهه لطيف ٽائون ۾ ايس ايس پي رائو انوار جي مبينا پوليس مقابلي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ پڻ نوجوان  کي مقابلي ۾ مارڻ خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو ويو آهي. پ پ چيئرمين سوشل ميڊيا تي  هلندڙ خبرن جو نوٽيس وٺندي شاهه لطيف ٽائون ۾ مبينا مقابلي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ٻئي طرف صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال پڻ مقابلي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. تحريڪ انصاف طرفان نوجوان جي مبينا مقابلي ۾ موت خلاف ٺهراءَ سنڌ اسيمبليءَ ۾ جمع ڪرايو ويو آهي. ٺهراءُ جمع ڪرائڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خرم شير زمان چيو ته تحريڪ انصاف نقيب محسود جي عدالت کان مٿڀري قتل جي مذمت ڪري ٿي، چيف جسٽس معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي. هوڏانهن ايس ايس پي رائو انوار ڪراچيءَ ۾ پليس مقابلي ۾ مارجي ويل نقصيب بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن کي رد ڪيو آهي. رائو انوار جو چوڻ آهي ته نقيب محسود پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان ڏکڻ وزيرستان جو اڳوڻو ڪمانڊر هو ۽ ان حوالي سان پوليس وٽ شاهديون پڻ موجود آهن. هن چيو ته نقيب محسود فورسز تي حملن ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ ملوث هو ۽ حب بلوچستان ۾ تحريڪ طالبان جو نيٽ ورڪ هلائي رهيو هو، هن نسيم الله جي نالي سان جعلي سڃاڻپ ڪارڊ پڻ ٺهرايو هو. سبدس چوڻ هو ته سوشل ميڊيا تي ملڪ دشمن تنظيمون مهم هلائي رهيون آهن. مقتول جي عزيز مقبول احمد محسود چيو ته نقيب محب وطن هو ۽ ڪراچيءَ ۾ پورهيو ڪندو هو. هن چيو ته نقيب شادي شده ۽ سندس 3 ٻارڙا هئا جنهن ۾ 2 نياڻيون ۽ هڪ پٽ شامل آهي. سندس چوڻ هو ته نقيب الله محسود کي پوليس 3 جنوري تي گرفتار ڪيو، کيس سهراب ڳوٺ ۾ ملڪ شير آغا هوٽل تان کڻي مبينا پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارليامينٽ تي لعنت موڪلڻ وارن کي ايوان ۾ نه هئڻ گهرجي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزي مريم اورنگزيب چيو آهي ته پارليامينٽ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے