15 اربع , آگسٽ 2018

چين ۾ آلوده هوا صاف ڪندڙ بلند ترين ٽاور تيار

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ آلوده هوا صاف ڪري ان کي صاف حالت ۾ آڻڻ لاءِ هڪ ٽاور بڻايو ويو آهي جيڪو فضا ۾ موجود هوا کي ڪافي حد تائين صاف ڪري ڇڏيندو آهي. ان کي هوا صاف ڪندڙ ڊگھو ترين ايئر پيوريفائر ٽاور ڪيو ويندو آهي جنهن جي ڊيگھه 100 ميٽر آهي ۽ ان کي چين جي مصروف شهرن ۾ وڌندي آلودگي ۽ سموگ ختم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. چين ۾ گاڏيون هلڻ سان اتي جي مصروف ترين شهرن ۾ سموگ جو مسئلو ڳمڀير ٿي چڪو آهي جنهن کي درست ڪرڻ لاءِ مختلف طريقن تي غور ڪيو پيو وڃي. پهريئن مرحلي ۾ شانزي صوبي جي شهر زيان ۾ ان کي تعمير ڪيو ويو آهي. ان جي تياري ۽ آزمائش جو ڪم چين جي سائنس بابت اڪادمي تحت زميني ماحولياتي انسٽيٽيوٽ جي ماهرن ڪيو آهي. اداري جي سربراهه ساءُ جنجي چيو آهي ته ٽاور لڳڻ بعد هڪ ڏينهن ۾ هڪ ڪروڙ ميٽر کان وڌيڪ صاف هوا خارج ڪندو آهي جنهن جو اثر ان جي آس پاس 10 چورس ميٽر جي علائقي ۾ محسوس ڪري سگھجي ٿو. اهڙي ريت هي سموگ جي شدت گھٽ ڪري ان کي نارمل درجي تائين آڻيندو آهي. ٽاور ويجھو آلوده هوا ڇڪيندڙ هڪ نظام لڳل آهي جنهن جي ڊيگھه هڪ فٽ بال گرائونڊ جو اڌ آهي. گلاس هائوس، شمسي توانائي استعمال ڪندي هوا کي گرم ڪري اڳتي موڪليندا آهن. اها گرم آلودا هوا ٽاور اندران گذرندي آهي. ٽاور اندر ڪيتريون ئي پرتيون لڳائيون ويون آهن جيڪي هوا ترتيب وار صاف ڪنديون آهن ۽ ايئن ان ٽاور اندر داخل ٿيندڙ هوا اڳتي وڌندي صاف ٿيندي رهندي آهي ۽ آلودگي کان مڪمل پاڪ ٿي خارج ٿي ويندي آهي. ساءُ جنجي موجب ٽاور جي نتيجا حيران ڪندڙ آهن. هن موجب اهو نظام سياري ۾ به هلي سگھي ٿو جڏهن روشني گھٽ ٿي ويندي آهي ۽ گرين هائوس ڪم نه ڪندا آهن. شيشي تي هڪ ڪوٽنگ لڳائي وئي آهي جيڪا سياري ۾ به ان کي گرم رکندي آهي. ايندڙ مرحلي ۾ شهر ۾ آلودگي ماپڻ لاءِ 12 اسٽيشن بڻايا ويندا ته جيئن ان ٽاور جي ڪارگردگي جي خبر پئجي سگھي. ماهن موجب هوا ۾ بدترين آلودگي ۽ سموگ جي موقعي تي به ٽاور آلودگي کي 15 سيڪڙو تائين گھٽ ڪري سگھجي ٿو. ٽاور کي آلودگي گھٽ ڪندڙ گھٽ خرچ ٽيڪنالوجي قرار ڏئي سگھجي ٿو. ٻئي طرف ٽاور ڀرسان رهندڙ ماڻهن به ان جي فائدي کي ساراهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Introduces the new Android operating system "Pie" by Google

گوگل پاران نئون اينڊرائيڊ آپريٽنگ سسٽم”پائي“ متعارف

ڪراچي(ويب ڊيس) گوگل پنهنجو نئون موبائل آپريٽنگ سسٽم اينڊرائيڊ پي متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے