21 بدھ , فروری 2018

انرجي ڊرنڪس نوجوانن ۾ سيني جي تڪليف جو سبب

اونٽاريو (ويب ڊيسڪ) انرجي ڊرنڪس بابت هڪ وڌيڪ پريشان ڪندڙ خبر سامهون اچي وئي آهي. طبي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته ڊرنڪس جي استعمال سان نوجوان سيني جي تڪليف جو شڪار ٿي سگھن ٿا. ماهرن چيو آهي ته12 کان 24 ورهين جا 55 سيڪڙو نوجوان انرجي ڊرنڪس جي گھڻي استعمال بعد سيني جي تڪليف ۽ الٽين جو شڪار ٿي رهيا آهن. ماهرن جاچ بعد به چيو آهي ته ڀلي نوجوان هڪ يا ٻه ڊرنڪس ئي ڇو نه پئين انهن سان به علامتون پيدا ٿي سگھن ٿيون. ڪينيڊا ۾ ٿيل جاچ ۾ چيو ويو آهي ته انرجي ڊرنڪس ۾ ڪيفين جو وڏو انگ شامل هوندو آهي ۽ گھٽ عمر نوجوانن لاءِ ان تي پابندي لڳائڻ گھرجي. ڪينيڊا ۾ انهيءَ مهيني هڪ مشهور شيف جيمي اوليور هڪ مهم تحت چيو آهي ته انرجي ڊرنڪس جي جو وڪڻو بند ڪيو وڃي. ڪينيڊا ۾ ٻارن ۾ انرجي ڊرنڪس عام آهي چيو پيو وڃي ته تعليمي ادارن ۾ ٻار  واڌ واجھه جي گھٽتائي جو شڪار آهن ۽ استادن کي پڙهائڻ جو طريقو تبديل ڪرڻو پيو آهي. يونيورسٽي آف واٽرلو جي ماهرن پنهنجي جاچ ۾2055 نوجوانن کي شامل ڪيو جيڪي انرجي ڊرنڪس پيئندا هئا. خبر پئي ته انهن مان 24 سيڪڙو نوجوانن دل جي تيز ڌڙڪڻ ۽ 24 سيڪڙو سمهڻ تي ڏکيائين جي شڪايت ڪئي. 18.3 سيڪڙو نوجوانن مٿي جي سور ۽ 5 سيڪڙو الٽي ۽ ڊائريا ٿيڻ جو اعتراف ڪيو جڏهن ته 3.6 سيڪڙو چيو ته انرجي ڊرنڪس سندن سيني ۾ تڪليف جو سبب بڻجندي آهي. خوراڪ جي ماهرن موجب هڪ 11 ورهين جي ٻار لاءِ روزانو ڪيفين جي حد 105 ملي گرام تجويز ڪئي وئي آهي جڏهن ته انرجي ڊرنڪس جي هڪ بوتل ۾ 160 ملي گرام ڪيفين هوندي آهي. ڊيٽرائيٽ جي موجود مشي گن چلڊرن هاسپٽل ۾ ٻارن جي دل جي مرض جي ماهر پروفيسر اسٽيون لپ شلز انڪشاف ڪيو آهي ته هڪ 10 ورهين جي ٻار رڳو 80 ملي گرام ڪيفين استعمال ڪئي ته زهر واپرائڻ جو شڪار ٿي ويو، جڏهن ته هڪ ٻئي 12 ورهين جي ٻار 100 ملي گرام ڪيفين واري ڊرنڪ استعمال ڪئي ته کيس نفسياتي واهمي جي شڪايت ٿيڻ لڳي ۽ جھٽڪا پوڻ لڳا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٻيرن ۾ لڪيل بي شمار قدرتي فائدا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ٻير کائڻ ۾ جيترو مزيدار آهن ايترو ئي صحت لاءِ به فائدي مند …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے