21 بدھ , فروری 2018

احتجاج واري سياست آخرڪيستائين..؟

مصطفيٰ  جمالي

پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرادي  پنهنجي سموري سياسي وفد سان گڏجي ڪري ڊاڪٽرطاهرالقادي جي ڪنٽينر تي نه رڳو ملاقات ڪئي پر انهي  ملاقات ڪري ڌرڻي جو اعلان ڪيو  ،جنهن مان ايئن لڳو ته ڄڻ مٿس لڳل سمورا ڪيس ختم ٿيندا؟جڏهن ته هي هڪ الڳ ٿيوري آهي ته آصف علي رزادي ۽ سندس ساٿين تي داخل ڪيس ڪڏهن به ختم نه ٿيندا، جڏهن ته مناسب وقت سان گڏ گڏ سندس احتساب ٿيندو رهندو ۽ اهو احتساب آخري حد تايئن به ويندو جنهن کان پوءِ احتساب کي مڪمل شڪل ڏئي ڪري پپيپلزپارٽي جو احتساب وارو دروازو شايد هميشه لاءِ بند ڪيووڃي، بهرحال هن وقت آئون ڳالهه ٻن اڳواڻن ۽ ٻين سياستدانن جي ڪري رهيو آهي جنهن ۾ هڪ آصف علي زرداي ۽ ٻيو ڊاڪٽرطاهرالقادي آهي .

مان سمجهان ٿو ته ايترو وقت ناهي ٿيو جو اوهان اها ڳالهه وساري ويٺا هجو ڇو ته ڪجهه عرصو پهرين عمران خان صاحب ۽ ڊاڪٽرطاهرالقادي پاڪستان اندر ڌرڻن جي موسم کڻي آيا هئا جيڪا ڌرڻن وارو موسم خزان ۾ تبديل ٿي وئي هئي جنهن خزان انساني زندگين جا ڪيترائي گل مرجهائي ڇڏيا هئا،هي اهو دور  هو جڏهن عمران خان ۽ ڊاڪٽرطاهرالقادري ميان نواز شريف جي حڪومت جي خلاف اسلام آباد ۾ ڪنٽينر لڳائي رهيا هئا ۽ پنهنجي پنهنجي ڪارڪنن کي اسلام آباد ۾ ڏس ڏئي ڪري گهرائي رهيا هئا ۽ ان وقت آصف علي زرداي انهن ڌرڻن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري رهيو هو نه رڳو انهن ڌرڻن جي مذمت ڪري رهيو هو. ميان نواز شريف جو هڏڏوکي بڻجي ڪري سندس ساٿ ڏئي رهيو هوُ ۽ کيس آٿت دلاسا ڏيڻ ۾ پورو هو ته ، هوُ ان سان هر موڙ تي گڏ آهي.ميان نواز شريف کي جڏهن به آصف علي زرداي جي ضرورت پوندي ته هوُ سندس ساٿ ڏيڻ لاءِ سڀ کان اڳ ڀرو هوندو،ان وقت آصف علي زرداي اهو به چئي رهيو هو ته ڊاڪٽرطاهرالقادري ۽ عمران خان جيڪي ڌرڻا هڻي رهيا آهن اهي غيرجمهوري آهن،ان ڪري سوال اهو به آهي ته ان وقت جيڪڏهن لڳل اهي ڌرڻا غير جمهوري هئا ته اهي ڌرڻا اڄ ڪيئن جمهوري بڻجي ويا آهن.؟ جو آصف علي زرداري ڊاڪٽرطاهرالقادري سان ملي ڪري ڌرڻو هڻي رهيو آهي.

آصف علي زرداري ۽ ڊاڪٽرطاهرالقادري ڪالهه کان احتجاج جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.جنهن اندر آصف علي زرداي ڊاڪٽرطاهرالقادري کي يقين ڏياريو ته هو هن سان هر موڙ تي گڏ آهي جيڪڏهن ماڊل ٽائون سانحي کي وٺي ڪري ڊاڪٽرطاهرالقادي ڌرڻا به هوندو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ان سان گڏ هوندي،اها ياد رکڻ گهرجي ته ان کان پهرين چوڌري شجاعت حسين عمران خان ۽ مصطفيٰ ڪمال به ڊاڪٽرالطاهرالقادري سان ملاقات ڪري چڪا آهن۽ کيس يقين ڏياري چڪا آهن ته هوُ سندن ڀرپور حمايت ڪندا،ان ڪري هن وقت پوري قوم پريشان آهي ته آخر سموري پارٽِين جا اڳواڻ آخر ڊاڪٽرطاهرالقادري کي اهڙيون تجزيرون ڇو ڏئي رهيا آهن،ڇو سڀ اچي ڊاڪثرطاهرالقادري جا همدرد بڻيا آهن آخر سبب ڇا آهي.؟ مان سمجهان ٿو ته پاڪستاني اڳواڻن جي سياست به وڏو منجهيل ڏيري جو سٽُ آهي جنهن کي اڄ تايئن ڪير به نه سلجهائي نه ٿو سگهي ۽ نه ئي ڪو سمجهائي ٿو سگهي،هن وقت سموريون پارٽيون ملي ڪري ڊاڪٽرطاهرالقادري کي هشي ڏئي رهيون آهن ته تون واري ڌرڻي ۾ اسين توهان سان گڏ آهيون.! پر جيڪڏهن ڊاڪٽرطاهرالقادري ڌرڻو هنيو آهي ۽ خدا نه ڪري ڪو واقعو نه ٿي. پر جيڪڏهن ڪو واقعو ٿئي ٿو پوي ۽ انهي واقعي اندر ڪو جاني نقيان ٿي ٿو ته پوءِ ان جو زميوار ڪير هوندو.؟

هن وقت ته سموريون پارٽيون ڊاڪٽرطاهرالقادري سان گڏ آهن مان سمجهان ٿو ته ڌرڻي کي وٺي ڪري ڪو واقعو پيش به اچي ٿو ته ان وقت ڊاڪٽر جو ڪو ڌڻي به نه ٿيندو،انڪري مان سمجهان ٿو ته ڊاڪٽرطاهرالقادري ڌرڻو هنيو آهي ته عاشقان رسول به ختم نبوت جي اشو کي ٻيهر کڻي ڪري روڊن تي نڪرندا ۽ پوءِ هڪ دفعو ٻيهر لاهور ۽ اسلام آباد جي مين روڊن تي ڌرڻن جو شوشو هڪ دفعو ٻيهر شروع ٿي ويندو.جنهن اندر ڊاڪٽرطاهرالقادري ،عمران خان، پاڪستان پيپلزپارٽي، پيرسالوي، ڊاڪٽرآصف جلالي، مسلم  ليگ ق، سميت سموريون جماعتون هڪ ئي ڪري پاڪستان اندر ڌرڻن جو سلسلو جاري ڪنديون.

پاڪستان سان محبت ڪندڙ شايد انهي ڌرڻن جي معاملي کي ٻڌي ڪري يقين ڏکياريندا هوندا، جڏهن ته پاڪستان دشمن پروپئگنڊا ڪندڙ تمام گهڻا خوش هوندا ته پاڪستان جو امن هڪ دفعو ٻيهر خراب ٿيڻ وڃي رهيو آهي،انڪري پوري دنيا سوچيندي هوندي ته دنيا جي ڇهين آبادي اسلامي ملڪ پاڪستان  جتي 2018ع ۾ به سندس عدليه ۽ صحافت آزاد آهي پر ملڪ اڃان به آزاد ٿي نه سگهيو آهي جڏهنڪو  چاهي ته روڊن تي ٽائر رکي ڪري پاڪستان جو امن امان خراب ڪري سگهي ٿو،2013ع اندر عمران خان اليڪشن ۾ چار تڪ کولڻ جو مطالبو ڪري رهيو هو ۽ حڪومت مسلسل انڪار ڪري رهي هئي،پوءِ عمران خان 126ڏينهن جو ڌرڻو هنيو جنهن ۾ ڌرڻو هڻندڙن جو به اربين رپين جو خرچ ٿي ويو ۽ ڌرڻو روڪڻ وارن جو به اربين رپين جو خرچو ٿي ويو،پر مسئلو ڪو به حل نه ٿي سگهيو هو ۽ مسئلو ايئن جو ايئن رهيو،ماڊل ٽائون واقعو به ٿيو جنهن اندر بي گناهه ماڻهو مارجي ويا آهن، پر سزا ڪنهن به ناهي ملي ۽ وري هڪ دفعو ٻيهر ڌرڻن جي موسم شروع ٿي وئي آهي.

اهو سوال تمام گهڻو اهم آهي ته جيڪڏهن هر مسئلو ڌرڻن سان حل ڪيو وڃِي ته پوءِ هي پوليس هي عدالتون هي ايجنسيون ۽ هي ٻيا قانون لاڳو ڪرڻ وارا ادرا ڇا جي لاءِ آهن.؟ انڪري مان سمجهان ٿو ته هن وقت هر ڪوئي پنهنجي من ماني ڪري رهيو آهي ۽ هر ڪوئي پاڻ مڃرائڻ ۾ پورو آهي،مڃڻ ۽ مڃرائڻ اندر عوام جو تمام گهڻو نقصان ٿي رهيو آهي،ڇو ته ملڪ اندر ڪوبه ڪم حڪمراني روٽين ۽ ايئن جي مطابق نه ٿي رهيو آهي،انڪري شايد هن وقت پاڪستان ۾ ٻيهر ڌرڻن جو پلان ٺاهيو ويو آهي،انڪري هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته لڳل ڌرڻي اندر ڪمزور جمهوريت جو ڇا ٿو ٿي…

هي به ڏسي سگهو ٿا

لانگ مارچ تي نڪتل دوستن کي صلاح: سنڌيءَ ۾ نالا لکڻ جي مهم ۾ به هٿ وجهو

زرار  پيرزادو ڪالهه انور پيرزادو اڪيڊمي واٽس ايپ گروپ تي محترمه سڪينا امام نالي هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے