17 جمعو , آگسٽ 2018

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه

جهوني جوڳيءَ ٿڌو ساهه کڻندي چيو ته “ادا خدا غارت ڪري ننڍڙي معصوم زينب جي قاتلن کي، جن جي عمل معاشري ۽ ميڊيا جو رخ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، سڀ تبديلي پسند اڄ هڪ پليٽ فارم تي اچي گڏ ٿيا آهن، نواز شريف کي نااهل ڪري لاهڻ کانپوءِ ڪالهه وارو ڌرڻو لاهور ۾، شهباز شريف ۽ رانا ثناءُ الله جي استعفيٰ ۽ ن ليگ جي حڪومت جي خاتمي تائين جاري رهندو، ٽي وي چينل ۽ اخبارن کي اڄ تائين وڏو مٽيريل ملي رهيو آهي، نتيجو ڇا نڪرندو….؟ اهي اڳ ڪٿيون هر ٽي وي چينل جو اينڪر به ڪري رهيو آهي، عوام کي مجبورن ڏسڻو ۽ ٻڌڻو پوندو ۽ ممڪن آهي ته حڪومت سينيٽ جي چونڊن مان ڪاميابيءَ سان نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ نهن چوٽي جو زور لڳائي ڇڏيندي، نفسياتي طور تي آصف علي زرداري ۽ عمران خان ميڊيا تي ايترو گهڻو ڳالهائي چڪا آهن جو هاڻ هنن جي تقريرن ۽ جلسن مان جوش ۽ مواد گهٽجي ويو آهي، پر نواز شريف وٽ نااهليءَ کان پوءِ ڪاوڙ، جوش ۽ مظلوميت جو مواد گهڻو گڏ ٿي ويو آهي ۽ حڪومت به سندس ۽ ملڪ جو وزيراعظم به سندس پٺيان هٿ ٻڌي هلڻ وارو آهي، ملڪ ۽ اهم مشينري اڄ به ن ليگ جي آهي، ان ڪري هاڻ پاڻ سڀني کي خوابن جي دنيا مان نڪري حقيقت ۾ اچڻ واري تبديليءَ لاءِ تيار ٿيڻو پوندو، ن ليگ ۽ اسانجا ادارا هڪ پيج تي اچي ويا آهن، جنهن جي ڪري آمريڪا ۽ ٽرمپ به سختي گهٽائي آهي ته پوءِ ممڪن آهي، ته ن ليگ کي جن قوتن ڀت سان لڳايو آهي، سي ئي ڏاڪڻ لڳائي کيس ڀت تي چاڙهي، وري مٿي بيهاري سگهن ٿا، ان ڪري صرف سڀني پارٽين ۽ اسٽيبلشمينٽ جي اتفاق راءِ سان جيڪا عبوري حڪومت ايندي اها تاريخي اليڪشن ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي…؟؟؟ نتيجا جيڪي به آيا، پر اميد آهي ته هيل امن ٿيندو.”

طنزيه مرڪندي مواليءَ چيو ته “آصف زرداري هن وقت جيڪي چالون هليون اهو وڏن وڏن سياستدانن ۽ تجزيه نگارن لاءِ ڇرڪائيندڙ سلسلو آهي، جيڪو ممڪن آهي ته هن حڪومت کي هميشه لاءِ گهر موڪلڻ تائين ۽ نئين نوجوان قيادت جي حڪمراني بلاول زرداري ڀٽي جي روپ ۾ دنيا جي سامهون اچي، ۽ هاڻ هن وقت ڀلي جمهوريت وارا ۽ عسڪري ادارا گڏجي پينٽاگون ۽ انهن جي اسٽيبلشمينٽ  ۽ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ لاءِ جيڪو ڪم ڪيو آهي ان جا اثر جلد ئي عوام آڏو ايندا، دنيا ڏسندي ته اها آمريڪا جيڪا پنهنجا سڀ ويڙهاڪ افغانستان ۾ پهچائي پاڪستان جون ننڊون حرام ڪرڻ واري هئي سا آمريڪا به آصف زرداري لاءِ اقتدار ۾ آڻڻ جو ماحول ۽ حالتون ڪيئن ٿي حق ۾ ڪري، جيئن بلوچستان ۾ ڪوبه ميمبر پيپلز پارٽيءَ جو نه آهي، پر نئون وزيراعليٰ پيپلز پارٽيءَ جي حڪمت عمليءَ ۽ حمايت سان انهن جي پسند جو آيو آهي، اهڙي طرح هن ڌرڻي مان جيڪڏهن حڪومت بچي به ويئي ۽ انهن پنجن مهينن ۾ گهر ڀيڙي نه ٿي سگهي، ته پوءِ به هن ڌرڻي ۽ احتجاج جي ذريعي پيپلز پارٽي جو گراف پنجاب توڻي پاڪستان ۾ نمبر ون ٿي ويندو ۽ پوءِ اهو خواب زرداري صاحب جو ته ايندڙ حڪومت اسان جي هوندي سو ائين ئي پورو ٿي سگهي ٿو، جيئن ادارن گذريل دور ۾ نواز شريف کي نمايان رکي پ پ ۽ ٻين پارٽين کي دهشتگردن جي ڌمڪين مان خوفزده ڪري گذريل اليڪشن ۾ ايڏو ناڪ آئوٽ ڪيو جو پيپلز پارٽي وڃي اندرون سنڌ جي ننڍڙي پارٽي ٿي، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته پيپلز پارٽي ۽ ان جو نظريو جيڪو ڀٽي صاحب جي ڪاوش هئي ۽ ان سڄي دنيا تي ۽ خصوصا مسلمان دنيا تي ۽ انڊيا تي وڏا اثر ڇڏيا ۽ يهودي ڊائريڪٽ دهشتگردي تي لهي آيا، پوءِ هڪ طرف آمريڪي حڪمران سياسي دهشتگردي ڪندا هئا ۽ ٻئي طرف سندن ويڙهاڪ تنظيمون مختلف نالن سان طالبان، القائده ۽ داعش جي روپ ۾ مسلمان ملڪن کي تباهه ڪري سعودي کي يمن سان ويڙهائي هاڻ اهو ساڳيو عمل پاڪستان ۽ ايران ۾ ڪرڻ چاهي ٿي پر بدنصيبي سان يا خوش نصيبي سان آمريڪا کي جهڙو چريو صدر مليو آهي، جنهن جي هڪ تازو وڊيو سوشل ميڊيا ۾ آئي آهي، جنهن ۾ هو ٻارن سان بال راند رهندي ڌڪو به کائي ٿو ۽ کيس پروٽوڪول وارا زوريءَ ٽنگوٽالي ڪري ميڊيا کان بچائڻ لاءِ کڻي وڃن ٿا ۽ هو ٻارڙن وانگر رڙيون ڪندو رهي ٿو، ان کان علاوه سندس بدناميءَ جا ڪئين قصا روز آمريڪا کي بدنام ڪري رهيا آهن. ڏسڻ ۾ ائين پيو اچي ته نواز شريف هيتريون بدناميون برداشت ڪري به زري گهٽ پنج سال پورا ڪري رهيو آهي پر لڳي ٿو ٽرمپ اڌ عرصو به نه ڪڍي سگهندو.”

تڏهن ڪامريڊ سليم ٿڌو ساهه ڀريندي چيو ته “ادا…. تازو آمريڪا جي سابق يهودي وزير ڪسنجر چيو آهي ته عنقريب ٽي عالمي جنگ لڳندي جنهن ۾ ست مسلمان ملڪ تباهه ٿيندا ۽ سڄي اسلامي دنيا تي آمريڪا ۽ اسرائيل جو قبضو هوندو، بهرحال هن ته گهڻوئي ڪجهه چيو آهي پر انهن اڳڪٿين ۾ پاڪستان جو ذڪر نه آهي، تنهن جي معنيٰ ته واقعي آمريڪا پنهنجي ٺاهيل “نيو ورلڊ آرڊر” يا “ري سيٽلمينٽ پلان” جو خاتمو پئي ڏسي ۽ پنهنجي سموري ٽيڪنالاجيءَ کي ناڪام پئي ڏسي، ان ڪري سندس نئين حڪمت عملي يا شيطاني سوچ جو ڪو نئون ڌماڪو ڪري، پنهنجي ناپاڪ ارادن کي ڪامياب ڪندي، پر چوندا آهن ته هر برائي جي به انتها ٿيندي آهي، ۽ پوءِ خدا جي پڪڙ به شروع ٿيندي آهي،

هن وقت جيڪو اسان مسلمانن ۽ آمريڪي نظام ۾ فرق آهي، اهو ڪجهه هن ريت آهي ته جنهن علائقي ۾ ڪارن شيدين جي غنڊا گردي زور آهي، ان ايريا جي حد تي آمريڪي حڪومت لکي ٿي ڇڏي ته “نو گو ايريا” پر جيڪڏهن ڏينهن ڏٺي به اهي ڪارا ڳورن انگريزن سان واشنگٽن ۽ نيويارڪ سٽي ۾ سرعام ڪا ڇيڙخاني، ڪو نقصان پهچائيندا ته به حڪومت ان جو ڪوبه داد فرياد نه ڪندي آهي، اهڙي طرح زير زمين هلندڙ ٽرينن ۾ روز رات جو ڪئين واقعا ٿيندا آهن، جنهن ۾ روزانه ڪيترين عورتن جي لڄالٽ اجتماعي ٿيندي آهي، پر ڪير به انهن کي روڪي نه سگهندو آهي، ۽ نه انهن خلاف ڪو قدم کنيو ويندو آهي، بلڪه بيروزگار ڪارن انگريزن لاءِ حڪومت منشيات جي ڪوٽا مقرر ڪري ڇڏي آهي، جيڪا هنن کي مفت ۾ ملندي آهي، اهڙي طرح هنن کي سوشل سيڪيورٽي ڪارڊ به آهي، جنهن جي ذريعي هنن کي علاج معالج کان علاوه هر شي ڪريڊٽ ڪارڊ تي ملندي آهي، جڏهن ته اسان جي غريب عوام کي پنڻو پوندو آهي، پاڻ وانگر هر شي گندگيءَ مان ٺاهي، اشتهار ڏيئي، انسانن کي نه کارائيندا آهن، بلڪه اهڙي ڪا شي جنهن ۾ ملاوٽ يا ڪو نقصان آهي، يا باسي آهي، ته ڊاڪٽرن جي چيڪ اپ تي انهن کي چالان ڪيو ويندو آهي، ۽ تن کي وڏا ڏنڊ ڀرڻا پوندا آهن. ان کان علاوه ڪابه جلد بازي آمريڪا ۾ نه آهي، هر يوٽيلٽي اسٽور، بينڪ، بس اڏن تي ماڻهو قطار ۾ پنهنجي واري جو انتظار ڪندا آهن. اهڙي طرح اسان مهاجرن شهرن ۾ جيڪڏهن ڪي خراب ڪم ڪيا آهن، ته سڌاريو به سنڌ وارن کي اسان ئي آهي، اعليٰ تعليم، اعليٰ اسڪول، اعليٰ رهائشي انتظام، پرائيويٽ سيڪٽر ۾ اسان ئي ڪري رهيا آهيون، اهڙي طرح اسان جي نظرياتي سوچ کي شعور ڏيڻ وارو الطاف اڃان زنده آهي، ۽ جيڪڏهن ادارن ان کي ڊرائي ڪلين ڪري لاٿو ته پوءِ مهاجر به هن ملڪ جي وفادار ۽ سڌريل قوم هوندي، جيڪا پنهنجي ملڪ جي ترقيءَ لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيندي رهندي.”

تڏهن مون چيو ته “ميان….! عقل الائي ڪٿي اٿائو…. ڪهڙيون ڳالهيون پيا ڪريو….. هن دور جا ٽئي وڏا سياستدان يعني مائينس ٿري ٿي ويندا. توهان سڀني کي خبر آهي ته اسان سڀ آمريڪا ۽ يهودين جا روبوٽ آهيون، جيڪي انهن جي منشور مطابق صدين کان هلي رهيا آهن، پهرئين عالمگير جنگ کان پوءِ جيڪا صورتحال جپان کان، روس کان، چين کان ٿيندي مسلمان ملڪن تائين پهتي، ان ۾ سڄو شيطاني عقل يهودين جو ئي رهيو آهي، جيڪي آدمشماريءَ ۾ به گهٽ ۽ ملڪ جي سائيز به ننڍي اٿن ۽ هٿ سان ٺاهيل ملڪ، پر سندن علمي شعور ۽ واپاري نظريو دنيا تي حاوي ٿي ويو آهي. هن وقت اسان جي ملڪ ۾ بظاهر سامهون نواز شريف، آصف زرداري ۽ عمران خان، طاهر القادري جي آڙ ۾ جيڪي ڪري رهيا آهن، انهن جي پٺيان جيڪڏهن آمريڪا جو يا يهودي سازشن جو هٿ اسان کي ڏسڻ ۾ نه پيو اچي ته پوءِ اها اسان جي علمي ڪوتاهي آهي، جنهن ۾ اسان صرف سنڌ اندر علم لاءِ لکين ٻار دربدر ڪري ڇڏيا آهن، ۽ اسڪولن جي ۽ ٻين اسڪيمن جي بجيٽ خرچ ڪرڻ کان سواءِ واپس موڪلڻ جو رواج پ پ جي بانين کان پوءِ آصف جي گذريل دور ۽ هن دور مان سنڌ جي ترقيءَ لاءِ آيل رقم جو 30 فيصد استعمال ۽ ڪرپشن ۾ هليو ويو ۽ باقي سمورا ڏوڪڙ هر سال وانگر واپس موڪليا ويا، اهو نظام بيوروڪريسي جي ڪري هلي رهيو آهي، جنهن جي پٺيان پنجاب جي بيوروڪريسي جي هڪ وڏي ڄار آهي، جنهن جي حڪمت عملي تحت سنڌ جا مسئلا وڌندا وڃن، ٻار تعليم کان پري ٿيندا وڃن، اسڪول بند ٿيندا وڃن، اسپتالون دوائن کان خالي، معصوم شاگردن سان زوري بدفعلي ۽ پوءِ قتل ڪرڻ جا واقعا روز ڪري، هاڻ شهر جي تعليم ۾ به پهرئين اسڪولن ۾ دستي بم اڇلائي، اسڪول بند ڪرڻ جي سازش ٿي، وري داعش ۾ حصو وٺڻ ۽ دهشتگردن جو نيٽ ورڪ ڪاليجن ۽ هاسٽلن تائين پهچايو ويو، پر هاڻ صغير ٻارن جي ان جانوراڻي عمل سان والدين کي ٻارن جي تعليم کان خوفزده ڪيو پيو وڃي، جيئن اهي سڌريل اسڪول به ناڪام ٿين ۽ ماڻهو جهالت ڏي اچن، ۽ روز احتجاج ڪري امن و امان خراب ڪن، ملڪي معيشيت کي تباهه ڪن،  سنڌين ويچارن لاءِ ته هي آسرا ئي بچيا آهن، ته جيڪي ايندڙ اليڪشن ۾ اسان جا اڳواڻ چونڊجي ايندا، اهي ئي اسان جا اسڪول کولرائيندا، پاڻ ئي صاف پاڻيءَ جو بندوبست ڪندا، فصلن جا اگهه ڏياريندا، امن و امان قائم ڪرائيندا وغيره وغيره….. باقي هن گهڙيءَ تائين جن جيڪي ڪيو، کنيو، کاڌو سو تن کي ڦٻيو ۽ هاڻ هن اليڪشن جي ڪيمپين جي دوران ڪنهن جي خلاف ڳالهائڻ لاءِ ڪنهن وٽ به ڪو نئون مواد نه آهي، ڇو ته فري ميڊيا، فري هينڊ سڀ ڪجهه ختم ڪري ڇڏيو آهي، پر منشور ڪنهن وٽ ڪهڙو آهي…؟؟؟ جنهن سان سنڌ سک ڏسندي، ملڪ سڌرندو، اها خبر کري کڻڻ کان پوءِ ئي پوندي…. آسرو الله ۾، لڇڻ اسان جن جي اسان کي ئي خبر آهي، جيئي ڀٽو سدا جيئي…

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ٽي آءِ حڪومت کي پنهنجي گهران لڳندي!؟

عبدالمجيد مغيري پي ٽي آءِ، عمران اسماعيل کي سنڌ جو گورنر نامزد ڪيو، هن صاحب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے