17 جمعو , آگسٽ 2018

نواز شريف صحيح جاءِ تي بيٺو آهي، اسان کي ڪيرائڻ وارا پاڻ ڪِري رهيا آهن: طلال چوڌري

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته اسان کي ڪيرائڻ وارا پاڻ ڪِري رهيا آهن، اسان کي استعيفائن جو چوندڙ اڄ پاڻ استعيفيٰ ڏئي ويو، وقت سر چونڊون ئي نظام جي استحڪام جي علامت آهي، مخالف مڃي رهيا آهن ته ن ليگ جو مقابلو چونڊن ۾ نٿو ٿي سگهي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته اسيمبليون ٽٽڻ سان ڪنهن کي ڪجهه نه ملندو، ڪير به اهو سياسي آپگهات نه ڪندو ته اسيمبليون ٽوڙي، نواز شريف صحيح جاءِ تي بيٺو آهي، مينڊيٽ نواز شريف کي مليو هو ته اهو پاڻ وزيراعظم ٿئي يا ان جو وزيراعظم هجي. سندس چوڻ هو ته اڄ پاور فل شو جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪو پاور ليس شو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ ٻوڏ سبب 100 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ تصديق

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ چوماسيءَ جي مينهن 106 ڄڻن جي فوت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے