20 خميس , سيپٽمبر 2018

زينب جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ٽائم فريم نٿا ڏئي سگهون: شهباز شريف

قصور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته زينب جي قتل جي جاچ لاءِ سمورا ادارا اڻٿڪ محنت ڪري رهيا آهن پر قاتل جي گرفتاري لاءِ ٽائم فريم نٿا ڏئي سگهون. قصور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته پنجاب حڪومت زينب جي وارثن جي ڏک ۾ شريڪ آهي، قاتلن کي پڪڙڻ لاءِ صوبائي حڪومت، عسڪري اداري ۽ لاڳاپيل انٽيليجنس ادارا پنهنجون ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهن. ان سلسلي ۾ سائنسي خطن تي جاچ ٿي رهي آهي جنهن موجب اصل جوابدارن سان گڏ ٻيو شخص به ملوث ٿي سگهي ٿو. مقامي رهواسين ڪنهن کي به ان بابت ڄاڻ آهي اسان کي ٻڌائي، سندس نالو راز ۾ رکيو ويندو. جوابدار پڪڙيا ويندا تنهن هوندي ڪو به ٽائم فريم نٿا ڏئي سگهون. سندس چوڻ هو ته قصور جي 8 سالن جي زينب جيان مردان ۾ 4 سالن جي عاصمه به قوم جي ڌي آهي. ٻئي پاڪستان جو ڌيئرون هيون پر ڇا زينب جيان عاصمه جي معاملي تي ائين آڱريون کڻيون ويون. منهنجي اپيل آهي ته قوم جي جذبن کي نه ڀڙڪايو وڃي، جيڪڏهن اها روايت پئي ته پوءِ اسان مردان ۾ احتجاج ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Karachi: For the first time the existence of ISIL has been admitted: Abdul Khaliq Ali

امامِ عالي مقام جي ڏسيل واٽ تي هلڻ جي ضرورت آهي: آصف زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته حضرت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے