19 اربع , سيپٽمبر 2018

زينب قتل ڪيس: لاهور ۾ پوليس ڪارروائي، خاڪي سان هڪ جهڙائي رکندڙ شڪي شخص گرفتار

لاهور(ويب ڊيسڪ) قصور ۾ وحشياڻي انداز ۾ قتل ٿيل معصوم ٻارڙي زينب جي مبينا قاتل سان گڏ وڃڻ واري هڪ وڌيڪ سي سي ٽي وي فٽيج ۽ خاڪو جاري ڪرڻ باوجود پوليس جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي، لاهور ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي خاڪي سان هڪ جهڙائي رکندڙ هڪ شڪي شخص کي گرفتار ڪري ورتو آهي. قصور ۾ زيادتي بعد قتل ڪيل معصوم نينگري زينب جي واقعي کي هڪ هفتو گذري وڃڻ باوجود قاتل گرفتار نه ٿي سگهيو آهي. پوليس پاران قصور سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به ڪاررواين جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته جي آءِ ٽي به زينب قتل ڪيس جي جاچ ڪري رهي آهي. زينب جي والدين پاران قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس جي ڪارروائي کي به مطمئن جوڳي نه هئڻ برابر قرار ڏنو ويو آهي. ٻي طرف پوليس لاهور جي علائقي ڀٽا چوڪ وٽ ڪارروائي ڪندي سي سي ٽي وي فوٽيجز ذريعي تيار ڪيل خاڪي سان هڪ جهڙي رکندڙ شڪي شخص کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب، گرفتار شڪي شخص جي موفائل فون جي لوڪيشن قصور جي آهي، کيس قصور پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اين اي 239 جا نتيجا: اليڪشن ڪميشن 24 سيپٽمبر تي فيصلو جاري ڪندي

 اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 239 جي نتيجن بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے