24 سومر , سيپٽمبر 2018

ماڊل ٽائون سانحي تي ڪراچي جي شهرين کي به ڏک ٿيو، مظلومن جو آواز بڻجڻ لاءِ آيو آهيان: مصطفيٰ ڪمال

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪ سر زمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال عوامي تحريڪ جي جلسي ۾ شرڪت لاءِ لاهور پهچي ويو. ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ هو ته طاهر القادري جي دعوت تي جلسي ۾ شرڪت لاءِ آيو آهيان، ماڊل ٽائون ۾ ڏينهن ڏٺي جو ماڻهن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ جيڪڏهن ڪنهن کي تڪليف ٿئي ته سڄي ملڪ کي محسوس ڪرڻ گهرجي، ماڊل ٽائون سانحي تي ڪراچي جي شهرين کي به ڏک ٿيو، ان ڪري هتي آيو آهيان. سندس چوڻ هو ته لاهور جي ماڻهن کي گوليون لڳيون ان جا اثر ڪراچي تائين ويا، جيڪڏهن اسان ظلم تي خاموش رهون ها ته ظالمن جا ساٿي چورايون ها، مظلومن جو آواز بڻجڻ لاءِ لاهور آيو آهيان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے