15 اربع , آگسٽ 2018

سنڌ جا ٻار ۽ عورتون ٽئين درجي جا شهري نه هجڻ گهرجن

سنڌ سرڪار ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ٻارن سان ٿيل زيادتين کي سامهون رکندي سنڌ ۾ ٻارن ۽ عورتن جي بچاءَ لاءِ قانون سازي ڪري رهي آهي، ان سلسلي ۾ ماضي ۾ عمل واسطي جيڪي به کوٽون ۽ ڪمزوريون هيون تن کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن. ان سلسلي ۾ ٻارن جي ننڍپڻ ۾ ئي ڄاڻ واسطي درسي نصاب ۾ پڻ اهم تبديليون آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي پاران ان سلسلي ۾ قيادت کان وٺي هيٺ تائين اهو تاثر هاڪاري نموني وڌي رهيو آهي.

ڪالهه بلاول هائوس ميڊيا سيل ۾  وڏي وزير مراد علي شاهه، ناصر حسين شاهه ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته اسان کي پنهنجن ٻارن کي بچائڻو آهي،  ٻارن جي تحفظ ۽ تعليمي بهتري آڻڻ چاهيون ٿا، چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ سنڌ جي 29 ضلعن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، اين جي اوز سان گڏجي ڪم ڪريون پيا، هن چيو ته قصور واقعي جي سڀني کي ڄاڻ آهي، اهو قومي معاملو آهي،  اهڙن واقعن کان بچڻ لاءِ تعليم کي هٿي ڏيڻي پوندي، هن سمورن وڏن وزيرن کي اپيل ڪئي ته اهي ٻارن جي تحفظ لاءِ چائلڊ لائف اسڪلڊ جوطريقو اختيار ڪن. هن چيو ته شروعاتي طور 200 اسڪولن ۾ چائلڊ لائف اسڪلڊ پروگرام شروع ڪري رهيا آهيون.

سنڌ سرڪار کي ان ڏس ۾ ڪوششون ڪري تيزيءَ سان مناسب قدم کنيا وڃن. ان سلسلي ۾ ٻارن جي بچاءَ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سرپرستي ۾ ”چائلڊ پروٽيڪشن ڪميٽي“ جو ٺهڻ پڻ وڏي اڳڀرائي آهي، جنهن مان سڄي ملڪ کي الاهي فائدو ملي سگهي ٿو.

سنڌ سرڪار کي نصاب ۾ پڻ تبديليون ان نموني جون آڻڻ گهرجن، جنهن ۾ ٻار توڙي عورتون ڪنهن بازار ۾ وڪرو ٿيندڙ وکر يا زرعي جنس وانگر نه هجڻ گهرجن. عورتن توڙي ٻارن جو قدر پڻ مردن جي رشتن وانگر ٿيڻ گهرجي، جيستائين ان اڻبرابري جي خاتمي لاءِ سڄو سماج تيار نه ٿو ٿئي، تيستائين عورتن توڙي ٻارن جون حياتيون ڳڻتيءَ جي ٽياس تي ٽنگيل هونديون. ان ڪري اها ڳالهه وقت ۽ حالتن جي اهم گهرج آهي ته عورتن ۽ ٻارن کي ٽئين درجي جو شهري سمجهڻ بند ڪري انهن کي بنيادي حقن سميت جائز رتبو ڏنو وڃي.

اربع  17 جنوري  2018ع،  29 ربيع الثاني  1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جا انتهائي اثر

سنڌ هونئن ئي گذريل ڪيئي ڏهاڪن کان پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏيندي رهي آهي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے