24 ہفتہ , فروری 2018

سنڌ پوليس جا بهترين آفيسر ۽ اڻ گهڙيل بدمعاش آفيسر

سنڌ پوليس ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. گهڙيل ۽ اڻ گهڙيل. بهترين ۽ بدمعاش. عوام دوست ۽ عوام دشمن. عوام جي محافظ ۽ عوام جي رت چوس. انهن ٻنهي حصن جي ڪراڪردگي پڻ ٻن ڌار ڌار رخن يعني گهڙيل ۽ بهترين آفيسرن جي ڪارڪردگي تي ريس ڪري سگهجي ٿي، انهن تي اعتبار ۽ اعتماد ڪري سگهجي ٿو ۽ اڻ گهڙيل، عوام دشمن ۽ بدترين آفيسرن جي نندا ئي ڪري سگهجي ٿي.

گذريل ڏينهن ڪراچيءَ جي علائقي ڊفينس ۾ ائنٽي ڪار لفٽنگ پوليس اهلڪارن جي نشانو وٺي ڪيل سڌي فائرنگ ۾ 19 ورهين جو ڦوهه جوان انتظار ماريو ويو. پوليس ذريعن موجب اي سي ايل سي جي اهلڪارن گاڏي شڪي سمجهي بيهڻ جو اشارو ڪيو ۽ نه بيهڻ تي نوجوان تي فائرنگ ڪئي. پوليس موجب مارجي ويل نوجوان جي سڃاڻپ انتظار احمد ولد اشتياق جي نالي سان ٿي آهي. ڊي آءِ جي سي آءِ اي ثاقب اسماعيل جناح اسپتال ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته خيابان اتحاد ۾ پڪٽ تي اينٽي ڪار لفٽنگ سيل گاڏي کي شڪي سمجهي بيهڻ جو اشارو ڪيو ۽ نه بيهڻ تي فائرنگ ڪئي. هن ٻڌايو ته فائرنگ جي ان واقعي ۾ ملوث چئني پوليس اهلڪارن کي ڏکڻ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي. هن چيو ته علائقي ۾ اڇي رنگ جي ڪرولا گاڏيءَ ۾ وارداتون ٿي رهيون آهن، اهلڪارن هڪ سفيد ڪرولا کي بيهڻ جو اشارو ڪيو ۽ نه بيهڻ تي فائرنگ ڪئي وئي. پوليس جي جاچ موجب واقعي واري هنڌ تان گوليون جا 16 خول مليا آهن جڏهن ته مقتول جي گاڏيءَ ۾ هڪ ڇوڪري پڻ موجود هئي جيڪا رڪشا ۾ هلي وئي. پوليس چئن اهلڪارن کي گرفتار ڪري ورتو.

مقتول جي والدين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڇا شهر ۾ جهنگ جو قانون آهي جو گاڏيءَ نه بيهارڻ تي سندن نوجوان کي قتل ڪيو ويو. هنن چيو ته انتظار 19 نومبر تي ملائيشيا مان واپس آيو هو، کيس بينگاهه قتل ڪيو ويو آهي. سندن چوڻ هو ته کين پوليس مان ڪابه اميد ناهي، چيف جسٽس کين انصاف فراهم ڪري. پوليس اسان جي اڪيلي سهاري کي ماري ان کي حادثي جي شڪل ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پوليس رياست جو حصو آهي، جيڪڏهن ڪو اشاري تي نه ٿو بيهي ته ڇا پوليس جو ڪم ان کي گوليون هڻي مارڻ آهي، هن چيو ته انتظار ملائيشا ۾ پڙهندو هو، موڪلن تي ڪراچي آيل هو.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ان حساس واقعي تي مقتول جي والدين سان ملاقات ڪئي، کين ڀروسو ڏنو ته سندن هرممڪن مدد ڪئي ويندي ۽ جيڪي به پوليسارا ملوث هوندا تن کي قانون ۽ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. هن پوليس آفيسرن کي هدايتون ڪيون ته بنا دير فرار ٿيل پوليس وارن کي گرفتار ڪري سندن خلاف ڪي داخل ڪيو وڃي. وڏي وزير جي انهن حڪمن آهر هيستائين 8 پوليس وارا گرفتار ٿيا آهن، جن مان ڪجهه اهو پڻ باسيو آهي ته هنن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪيو هو.

ڪالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه انتظار احمد قتل ڪيس جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن مقتول جي والدين سان فون تي ڳالهائيندي چيو ته هو وارثن جي تڪليف کي سمجهي سگهي ٿو، سندن اطمينان آهر قدم کنيا ويندا. وڏي وزير جي ترجمان ٻڌايو ته عدالتي جاچ جو فيصلو مقتول جي والد جي خواهش تي ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي ميڊيڪل ليگل رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته انتظار جو موت رڳو هڪ گولي سبب ٿيو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪن جي پٺيان لڳل گولي مٿي مان پار ٿي وئي ۽ اها ئي گولي انتظار جي موت جو سبب بڻي.

سنڌ سرڪار کي گهرجي ته اڻ گهڙيل بدترين آفيسرن کي سٺن آفيسرن ۾ بدلائڻ لاءِ انهن جي سالن پڄاڻان تربيت جا طريقا اختيار ڪيا وڃن ، جيئن ڪميشن پاس پوليس وارن جي وقت بوقت تربيت ٿيندي آهي ۽ انهن جا روين تا ڪٽ ۽ زنگ لاٿو ويندو آهي.

اربع  17 جنوري  2018ع،  29 ربيع الثاني  1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام ۽ آئين سپريم ڪڏهن بڻبا؟

ڪالهه وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي سموري خطاب جو محور سپريم ڪورٽ ۽ سندس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے