28 سومر , مئي 2018

ڏکڻ ايشيا ۾ جنگي جنون واري ڇڪتاڻ ڪير پيدا ڪري رهيو آهي؟

مدد علي سنڌي

اڄ ڪلهه پرڏيهي ميڊيا ۾  ڀارتي آرمي چيف جنرل بپن راوت جو هڪ انٽرويو ڏاڍو بحث  جو ڳو ٿي پيو آهي. هن پنهنجي انهيءَ تڪراري انٽرويو ۾ چيو هو ته جيڪڏهن ڀارتي حڪومت کيس حڪم ڏنو ته انڊين فوج سرحد پار ڪري پاڪستان ۾ آپريشن ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندي. هن اهو به چيو ته پاڪستان جو ايٽمي اصطلاح هڪ فريب آهي، جيڪڏهن اسان کي واقعي پاڪستانين جو مقابلو ڪرڻو پئجي ويو، ۽ اسان کي اهڙو ٽاسڪ ڏنو ويو ته اسين اهو نه چونداسين ته ڇاڪاڻ پاڪستان وٽ ايٽمي هٿيار موجود آهن. ان ڪري اسين سرحد پار نه ڪنداسين، هن جو چوڻ هو ته ڀارت پاڪستان جي خلاف سرجيڪل اسٽرائيڪس ڪري چڪو آهي، جنهنجو مقصد پاڪستان کي هڪ پيغام ڏيڻ هو.

ڀارتي آرمي چيف جو اهو بيان هڪ  ديوانگي جي حد تائين پهچڻ واري ڳالهه آهي، جنهن تي جيتري حيرت ڪجي اها گهٽ آهي. مبصرن جو چوڻ آهي ،ڇا ڀارت پاڪستان جو صبر آزمائي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هن قسم جا بيان، ڪڏهن به پاڪستان جي فوج طرفان نه ڏنا ويا آهن. سندس ان بيان تي پاڪ فوج جي ڊي جي  آئي ايس پي آر جو موقف هو ته انڊيا روايتي طور تي پاڪستان تي غالب اچڻ جي صلاحيت رکندو هجي ها ته اهو گهڻو  اڳ ڪري چڪو هجي ها، پر ڀارت کي اسان جي ايٽمي ڀروسي جي صلاحيت ئي روڪي رهي آهي. هن چيو ته اسين ورڪنگ آرمي ذميوار ايٽمي رياست ۽ بيدار قوم آهيون جيڪي ڪنهن به فريب جو  شڪار نه آهيون.

هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڀارتي  فوجي سربراهه جو اهو بيان ڪٿي ايٽمي تضاد جو بنياد ته نه فراهم ڪندو، ڇاڪاڻ ته اهو قطعي طور هڪ غير ذميوار بيان آهي، جيڪو هڪ اهم عهدي تي ويٺل شخص کي نٿو سونهين. بهرحال بقول پاڪستان جي پرڏيهي وزير خواجه آصف جي ته جيڪڏهن انڊيا جي اها خواهش آهي ته اهو ڀلي پاڪستان جي عزم کي آزمائي وٺي، ته ڀارتي جنرل جو اهو شڪ به دور ٿي ويندو.

ساڳئي وقت پاڪستان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پڻ ان کان اڳ انڊين آرمي جي سربراهه جنرل بپن راوت جي انهيءَ دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو هو ته انڊين فوج پاڪستان خلاف سرجيڪل اسٽرائيڪس ڪيو هو.هن  چيو ته پاڪستان انڊيا جي هر قسم جي جارحيت جو جواب ڏيڻ لاءِ هر طرح سان تيار آهي.

ننڍي کنڊ توڙي سموري ڏکڻ ايشيا لاءِ ڀارت طرفان جنگي جنون پيدا ڪرڻ واريون حالتون پيدا ڪرڻ وارو عمل ڏکوئيندڙ آهي. هڪ ڳالهه  تمام اهم  آهي ته ڪجهه وقت کان ڀارت لائين آف ڪنٽرول جي ڪيترن ئي هنڌن تي ايل او سي جي خلاف ورزي ڪري چڪو آهي. يعني ڀارتي فوج بنا ڪنهن سبب جي فائرنگ ۾ ڪيترائي پاڪستاني فوجي ۽ شهري شهيد ٿي چڪا آهن.

دراصل گذريل سال 18 سيپٽمبر 2017ع کان وٺي اوڙي واقعي کان پوءِ ڇڪتاڻ ۾ واڌارو آيو آهي، جو والاريل ڪشمير ۾ برگيڊيئر هيڊ ڪوارٽر تي ٿيل حملي کان پوءِ ڀارت الزامن جو هڪ نه ختم ٿيندڙ حملو شروع ڪري ڇڏيو هو. تڏهن به يعني 19 سيپٽمبر 2017ع تي ڀارتي وزير جيتندرسنگهه چيو هو ته ڀارت طرفان پاڪستان خلاف ڪارروايون ضرور ٿيڻ گهرجن. پاڪستان تڏهن به چيو هو ته جيڪڏهن ڀارت وٽ اهڙا ڪجهه ثبوت آهن، ته پوءِ کيس اهي ثبوت پيش ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته والاريل ڪشمير ۾ ڪيتري وقت کان وٺي ٿيندڙ ڪاررواين جو پنهنجو هڪ جداگانه سبب آهي، والاريل ڪشمير  ۽ خود ڪشميري عوام جي جدوجهد ۾ انتهائي تيزي اچي ويئي آهي. ان ۾ پاڪستان کي ملوث ڪرڻ ڪنهن به طرح سان ٺيڪ ڪونهي، پر ولاريل ڪشمير ۾ هلندڙ تحريڪن جي ڪري پاڪستان تي الزام هڻڻ ائين آهي، جيئن  آمريڪا، افغانستان ۾ ناڪامي کانپوءِ پنهنجي سموري ڪاوڙ پاڪستان تي ڪڍي رهيو آهي،

هن وقت به انڊيا پاڪستان سان والاريل ڪشمير ۾ سندن ناڪامي جي ڪاوڙ پاڪستان تي ڪڍي رهيو آهي، جنهن جو مثال انڊين فوج جي سربراهه جو تازو  بيان آهي. بهرحال پاڪستان کي هن صورتحال تي خصوصي طرح هوشيار ۽ خبردار رهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جون سياچن کان وٺي ٿرپارڪر تائين، اوڀرندي بارڊر تي 10 ڇانوڻيون موجود آهن، ۽ انهن ڇانوڻين ۾ به هر وقت ڀارتي فوج چوڪس ۽ پابند رهي ٿي، بلڪ هر سال ٻن کان پوءِ اهو ڪولڊ اسٽارٽ ۽ هارٽ اسٽارٽ فوجي مشقون به ڪندو ٿو رهي. جڏهن ته ڀارت جو دفاعي بجيٽ به 27 کرب 40 ارب روپيا آهي، ۽ سال 2017ع ۽ 2018ع لاءِ بجيٽ ۾ 10 سيڪڙو واڌارو  به آندو اٿس.اها ڳالهه به ڪنهن طرح سان نظر انداز ڪرڻ جهڙي نه آهي، جيڪا وڏي ڳالهه  آهي، اها هيءَ ته ڀارت جي 9 رياستن ۾ وڳوڙ آهي، جنهن ۾ ولاريل ڪشمير به شامل  آهي.

يقينن ان ڳالهه تي پرڏيهي مبصر به متفق آهن ته ڏکڻ ايشيا جي ٻن اهم ملڪن يعني ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جو وڌڻ ڪنهن به طرح سان مناسب ڪونهي، ڇاڪاڻ ته ٻئي ڏکڻ ايشيائي ملڪ ايٽمي طاقت رکن ٿا. ۽ اهي ڇاڪاڻ ته ايٽمي طاقت رکندڙ پاڙيسري ملڪ به آهن. ان ڪري ڀارت طرفان هن وقت سخت بيانن جو اچڻ ڪنهن به طرح سان فائدي مند ڪونهي، ۽ ان جي ڪري حالتون بهتر ٿي نه سگهنديون، مورڳو اهي وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون. ڀارتي فوج جي سربراهه جنرل بپن راوت جي طرفان پاڪستان تي حملي جو بيان، ايٽمي حملن جون ڌمڪيون،غير ذميوار سخت عمل آهي، ۽ اهو بيان ڇڪتاڻ کي وڌائڻ ۾ هڪ اهم هٿي ثابت ٿيندو. غير جانبدار ملڪن کي ان سلسلي ۾ اڳتي وڌي حالتون خراب ٿيڻ کان بچائڻ گهرجن. خاص طرح هن وقت جڏهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهين جو عمل هڪ چڱي وقت کان وٺي بند آهي، ان جي ڪري هن قسم جا بيان ڇڪتاڻ جي وڏي ٻرندڙ باهه تي تيل وجهڻ جي مترادف ثابت ٿيندا.

هڪ تبصري ڪندڙ جو چوڻ هو ته سندس خيال ۾ انڊيا گهڻي حد تائين ڇلانگون هڻي اڳتي وڌي ويو آهي. بلڪ هڪ اهڙي هنڌ تي پهچي ويو آهي، جتي پاڪستان وٽ ان کانسواءِ ٻيو رستو نه بچندو ته هو پنهنجا هٿيار استعمال ڪري، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪنهن کي مرڻو آهي ته پوءِ اهي هٿيار ڇو نه استعمال ڪيا وڃن. ان ڪري اهڙي صورتحال کي ٽارڻ لاءِ  عالمي طاقتن کي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري، اها ڳالهه سمجهائڻ گهرجي ته  جن رياستن وٽ ايٽمي هٿيار موجود آهي، انهن کي وڌيڪ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، جيڪا ڳالهه ڀارت طرفان ڏسڻ ۾ نه پئي اچي، ۽ وڏي ڳالهه ته اهو به سوچڻ جي ضرورت  آهي ته ايٽمي هٿيار ڪا غليل ته ڪونهي، جو اها استعمال ڪري ويهي رهجي،هي هڪ وسيع تباهي آڻيندڙ هٿيار آهن. جن کي استعمال ڪرڻ واري ڳالهه ڌمڪي ۾ شامل ڪرڻ کان گريز ڪجي. ڀارت کي هن قسن جا بيان ڏيڻ کان باز اچڻ گهرجي، مبصرن جو موقف آهي ته  ڇا هو هن قسم جا بيان جاري ڪري، پاڪستان تي دٻاءُ وجهڻ  ٿو چاهي، جيئن آمريڪا طرفان اهڙو عمل جاري آهي.

يقينن هاڻ به ان ڳالهه تي هرڪو متفق آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ هي حالتون يعني هن قسم جا ڀارتي بيان حالتن کي بهتر ڪرڻ بدران ، ويتر خرابي طرف ڌڪي وڃي رهيا آهن. ۽ اهي حالتون ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي قيام وارين سمورين ڪوششن کي ناڪام بنائڻ  ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ جي ساڃاهه کي هاڪاري موٽ ملڻ گهرجي

زلف  پيرزادو سنڌ جي ماڻهن کي ملڪ جو شهري سمجهڻ گهرجي ۽ سمورا بنيادي،انساني، آئيني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے