21 بدھ , فروری 2018

پارليامينٽ کان بازار حسن تائين …!

نذير سومرو

جيسيتائين اسان مارڪس کي ڪونه پڙهيو هو تيسيتائين سمجهندا هئاسين ته دنيا جي سڀني علمن جا در اسان جي گهرمان کلي اسان جي اوطاق تي بند ٿيندا آهن پر جڏهن کان هن همراهه کي پڙهيو آهي اها پڪ ٿي ويئي آهي ته اسان جو سمورو وجود جهالت جي ڪاري گهاٽي دونهين ۾ ويڙهيل آهي.

هن همراهه سمجهايو آهي ته هر سبب کي نتيجو آهي ۽ هر نتيجي کي سبب.

يعني :

بيخودي بي سبب نهين غالب،

ڪڇ تو هي جس ڪي پرده داري هي….

ڪنهن به عمل جو ڇيد جڏهن مارڪسي انداز سان ڪجي ٿو ته انوکا ۽ نوان نوان نتيجا سامهون اچن ٿا. حڪمران ڦورو طبقو اسان کي روايتي انداز تائين محدود ڪرڻ جا جتن ڪري ٿو ڇو ته کيس خبر آهي ته دنيا جي انقلابن جا بند دروازا ان ئي هڪ ڪنجيءَ سان کلندا آهن ۽ اها ڪنجي ڪنهن به طور عوام کي ملڻ نه گهرجي. دنيا جي سمورن غاصبن جو سڀ کان وڏو زور ان تي رهندو آيو آهي ته عام ماڻهو ڪنهن به طور پڙهڻ لکڻ ۽ سوچڻ نه سکي، جيڪڏهن سکي ته روايتي انداز ۾. ان ۾ هن سدائين مذهبي پيشوائن جون مددون حاصل ڪري عام ماڻهو کي چاڪيء جي ڏاند وانگر هڪ دائري ۾ رهڻ سيکاريو آهي.

گهڻو وقت اڳ هڪ ڪتاب پارليامينٽ سي بازار حسن تڪ جي نالي سان مارڪيٽ ۾ آيو هو جنهن ۾ اسان جي پاڪ دامن معصوم حڪمران ٽولي ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهن جي سموري سٿ جا دامن ڦاڙي سندن اصليت ڏيکاريل هئي. ان ڪتاب جو چرچو جڏهن عام ٿيو ته مجرمن پنهنجا ماڻهو ميدان تي لاٿا. ويڪائو قلمڪارن ۽ واتوڙن واٺن محفلن ۾ اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو سڀ ڪوڙ آهي اسان جا هيرا اهڙا ٿي سگهن ئي ڪونه ٿا اهو سڀ جيڪو لکيل آهي سمورو بهتان ۽ هٿ گهڙيو آهي.

ٿي سگهي ٿو اهو سڀ ڪنهن جي خلاف پروپيگنڊا طور ڇپرايو ويو هجي. مڃيوسين ته اهو سڀ ڪوڙ آهي پر نه ايڏو وڏو ڪوڙ مارڪيٽ ۾ هلي نه ٿو سگهي. صرف اهو هڪ ڪتاب نه، ساڳئي ئي موضوع تي ڪيترا ڪتاب مارڪيٽ ۾ ملن ٿا ان کان سواءِ يوٽيوب ۽ ان جهڙيون ٻيون ويب سائيٽون اسان جي هنن معصومن جي اهڙي قسم جي ۽ ٻين درندگيءَ جي ڪارنامن سان ڀريون پيون آهن جن کي ڏسي لڳي ٿو ته اهي ڪتاب بي خودي بي سبب وانگر اجايا ناهن لکيا ويا.

اڄ ڪلهه هڪ خبر اسان جي اليڪٽرانڪ، اخباري ۽ سوشل ميڊيا تي اسان جي هڪ تمام وڏي معزز سياستدان جي نالي سان هلي رهي آهي. جيڪو چينل ڏسو اها خبر پيو ورجائي ته ان صاحب پنهنجي هڪ روحاني رشتي واري مرشد عورت کي شاديءَ جو پيغام موڪليو آهي ۽ ان همراهه پاڻ ان جو اعتراف (سرعام) ڪندي اهو به چيو آهي ته اهڙا عمل سندس ڪمزوري رهيا آهن. هونئن به سندس شخصيت ان حوالي سان ڪيتري عرصي کان اهڙن عملن سبب ميڊيا تي مشهوري ماڻيندي رهي آهي. هڪ خبر ڪنهن اخباري ڪٽنگ سان سوشل ميڊيا تي به آئي ته ان عورت يعني جنهن ڏانهن شاديءَ  جو پيغام موڪليو ويو آهي ان چيو آهي ته کيس خواب ۾ نبي سائين جن حڪم ڪيو ته پنهنجي مڙس کان طلاق وٺ ۽ هن همراه سان شادي ڪر.

تمام ننڍڙو بحث هن تي به ڪريون ٿا ته شادي هڪ ڏينهن، ڪنهن کي هڪ دفعي سان ڏسڻ وارو فيصلو ڪونهي. شادي هن ڪائنات جي سڀ کان وڏي انسان جي سنت آهي، اها ڪا مشڪري ڪونهي. شاديءَ جو سڀ کان پهريون قدم ان کي پنهنجي شريڪ حيات واري نظر سان ڏسڻ آهي اهو ضروري ڪونهي ته اهو مرد ڏسي ته عورت کي الهام ٿئي يا عورت ڏسي ته مرد کي پنهنجو پاڻ خيال اچي. ان کي ان نظر سان ڏسڻ کان پوءِ ان تي دماغ ۾ غور شروع ٿئي ٿو. ان جا لاها چاڙها جاچجن ٿا….

سموري ڳالهه ڪرڻ جو مطلب اهو ته ڇا اهڙن عملن مان ان ڳالهه جي بوء ڪونه ٿي اچي ته حڪمران ٽولو صرف ۽ صرف پنهنجي جسماني عياشيء لاء ئي سوچيندو رهي ٿو ۽ ملڪ ۾ ڇا پيو وهي واپري ان تي سندن ڪو توجهه ڪونهي ۽ ملڪ ۾ جيڪي ڪجهه ٿئي پيو انهن جي ئي بي توجهيء جي ڪري پيو ٿئي.

لاڙڪاڻي جي پنجن سالن جي سنڌوء کان، لاڙڪاڻي جي راجيش تائين، قصور جي نياڻي زينب کان قصور جي ٻين ٻارڙن تائين، اداڪاره ناديا (جنهن چيو آهي ته مون سان چار سالن جي عمر ۾ قرآن پڙهائيندڙ بزرگ ريپ ڪيو…..چار سال ۽ قرآن جو علم ڏيندڙ!!) پوءِ ڊرائيور پوءِ…. کان ماڊل فريحه تائين (جنهن چيو آهي ته ساڻس ڇهن سالن جي عمر ۾ زيادتي ٿي) تائين. اهڙن واقعن جو ڳاڻيٽو ئي ڪونهي. الائي ڪيتريون سنڌو، الائي ڪيتريون زينب، الائي ڪيتريون ناديه الائي ڪيتريون فريحه جهڙيون نياڻيون اهو چئي چپ ڪرايون ويون هونديون ته ڪجهه ڪونه ٿيندو هن ملڪ ۾، اجايو پاڻ کي ڏٺو نه ڪريو خاموش رهو.

ته پوءِ، ڇا ان پٺيان اها سوچ ڪونه مضبوط ٿيندي ته پارليامينٽ کان بازار حسن تائين جهڙا سڀ ڪتاب سمورو سچ آهن، هنن حڪمرانن کي پنهنجي عياشيءَ  مان واندڪائي ئي ڪونهي. هي سڀ ڪوڙا ۽ مڪار آهن جيڪي پنهنجي شراب کي ماکيءَ  جون بوتلون سڏين ٿا ۽ بس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سينيٽ جون ٿيندڙ چونڊون ۽ ايم ڪيو ايم ڌماچوڪڙي

ڊاڪٽر نثار علي شاهه سينيٽ اليڪشن هينئر کان ئي هڪ درد ڀريو داستان بڻجي وئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے