24 ہفتہ , فروری 2018

قانون جا ڪتاب،انڌا،ٻوڙا ۽ گونگا ڇوهوندا آهن؟!!

محمد خان دائود

اُهو صوُفي محمد جيڪو ڪاري ڏاڙهيءَ سان آمريڪا ويو ۽ اڄ اڇي ڏاڙهي سان پشاور جي جيل مان آزد ٿي ويو. اُهو صُوفي محمد جنهن جي نالي جي شروع ۾ ته صُوفي لفظ اچي ٿو  پر هوُ صُوفيت کان ڏور هو.اُهو صُوفي محمد جيڪو انگريزي ۾ ڳالهائيندو هو.اردو ۾ پريس ڪانفرسون ڪندو هو.۽ اردو ۾ هوُ ميڊيا جي معرفت اسان کي اهو ٻڌائيندو رهند هو ته هن وحشت ۽ هن دحشت پويان انهن جو هٿ آهي.

اُهو صُوفي محمد آزاد ٿي ويو آهي جنهن جي وحشت ۽ دهشت  سوات  جي انهن وادين مٿان وڄ ٿي ڪرندي رهي آهي. جيڪا  سوات پنهنجي وادين جي حُسن جي ڪري ڪنهن راڻيءَ کان گهٽ نه هُئي .پر صُوفي محمد اُن ئي سوات کي ڪنهن ٻارڻ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو.۽ اُها سوات انهن مُلن جي هٿان ٻرندي رهي. جيڪي انهن معصوم انسانن جو قتل ڪندا رهيا آهن، جيڪي انسان جئيڻ جي ڏوهه ۾ ڪنهن جهنگ جئيان سڙندا رهيا هُئا .انهن ڏينهن ۾ سوات ۾ اسڪول۽  اسپتالون تيزي سان ختم ٿي رهيا هُئا.۽ مسيتون تيزي سان سوات جي سر زمين تي نمودار ٿي رهيون هيون.مسيتون به اهڙيون جنهن ۾ نمازي گهٽ پر خودڪُش  بمبار وڌيڪ نظر ايندا هُئا.جيڪي ٿوري گهڻي وقفي سان ڦاٽندا رهندا هُئا،اهڙي طرح سوات علائقائي ميڊيا کان ويندي عالمي ميڊيا جي نظرن ۾ اچڻ لڳو.سوات کان به وڌيڪ جيڪو همراهه ميڊيا جي زينت بڻجدو رهيو هو.اُهو سوات جو صُوفي محمد هو.جيڪو اُن وقت پنهنجي اڇي ڏاڙهي سان ڪيمئرائن جي اک تي نظر ايندو هو.

اُهو صُوفي محمد جيڪو جواني ۾ پنهنجي ڪاري ڏاڙهي سان آمريڪا ويو هو.جتي هو رنگ سازي جو ڪم ڪندو هو.جنهن جي ڪري ڪيترا ئي سال صُوفي محمد آمريڪا ۾ رهي پيو هو ۽ هن جي انگريزي سُٺي ٿي وئي هُئي.ائين به ڪونهي ته جنهن ماڻهون جو ڪنهن ٻوليءِ تي عبور هُجي ته اُهو انسان به سُٺو هُجي.صُوفي محمد آمريڪا ۾ رهي پنهنجي انگريزيءَ  کي درست ڪندو رهيو .پر اُن جو اندر جو ماڻهپو مرندو ويو.هوُ صوفيءِ مان ڦري ڪوفي ٿي پيو.۽ آمريڪا مان واپس موٽي آيو.

جڏهن صُوفي محمد آمريڪا مان موٽي آيو ته موٽڻ شرط هن سوات ۾ باهه ٻاري ڏني.هن صُوفي جو پهريون وير انهن اسڪولن سان هو.جيڪي اسڪول علم، ڄاڻ ۽ شعور بخشيندا آهن. انهن اسڪولن ۾ نياڻيون به تعليم حاصل ڪنديون هيون.صُوفي محمد سوات اچڻ شرط انهن اسڪولن کي باهيون ڏياري ڇڏيون.اسڪول سڙي رک ٿي ويا.ٻار هيسجي ويا.ٻار گهر ويهي رهيا.سوات جي وادي سڙڻ لڳي.ڇا سوات جا ماڻهو !پر سوات جا وڻ ٽڻ نديون به سڙڻ لڳيون.ساوڪ سڙڻ لڳي.

صُوفي محمد بار بار انهن ميڊيائي ادارن کي اهو باور ڪرائيندو رهيو هو ته “ائين نه سمجهو ته سوات ۾ شرعي نظام ايندو پر سوات ۾ شرعي نظام اچي چڪو آهي!“

اُن وقت سموري دنيا اهو ڏٺو ته ڪئين نه سوات ۾ شرعي قانون  لاڳو ٿي رهيو آهي .کلي عام عورتن کي سنگ سار ڪيو ويو.ڇوڪرين کي ڪوڙا لڳرايا ويا،ڪيترائي  عام انسان ڦاهي چاڙهيا ويا.ساوڪ ڀريو سوات صُوفي محمد جي شريعت جي باهه ۾ سڙندو رهيو.۽ ڏور بيهي اسلام جو دين صُوفي محمد جو منهن ڏسندو رهيو.

اها صُوفي محمد جي ڪاميابي چئبي جو هوُ پنهنجي ان ڳالهه کي مڃرائي ويو جو هوُ سوات ۾ شرعي (جيڪو ڪنهن به صورت ۾ شرعي نظام نه هو). نظام لاڳو ڪرائي ويو پر هوُ شرعي نظام نه هو. هُو ته جهل ۽ جبر جو نظام هو جنهن ۾ هوُ انسانن جو قتل کلي عام ٿيندو رهيو. سرڪار صُوفي محمد کي انسان مارڻ. اسڪول تباهه ڪرڻ ۽ سوات جي وادي کي تباهه ڪرڻ جو لائيسنسن ڏئي ڇڏيو. جنهن جي ڪري صُوفي محمد سوات ۾ هزارين انسان قتل ڪرائي ڇڏيا ۽ انهن تمام رنگن کي ساڙائي ڇڏيو جيڪي رنگ زندگي جا هوندا آهن.صُوفي محمد سوات مان اُهي تمام رنگ جلائي ڇڏيا يا جلاوطن ڪرائي ڇڏيا!.

جڏهن ته صُوفي محمد شريعت جي آڙ ۾ انسان باهه ۾ ساڙيندو رهيو.جڏهن ملڪ جي جهموري حڪومت تي سول سوسائٽي جو بار وڌيو ته هن صُوفي محمد کي سوڙهو ڪرڻ شروع ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ سوات مان ملن جي سربراهي افغانستان ڀڃي وئي،جڏهن ته صُوفي محمد کي 2008 ۾ پشاور جي حيات آباد مان گرفتار ڪيو ويو پر هاڻي  اُن کي قانون جا ڪتاب آزاد ڪري رهيا آهن.اهي ڪهڙا قانون جا ڪتاب آهن.جيڪي مسيح کي صليب تي چاڙهائي ڇڏين ٿا.جيڪو سوات ۾ هزارين انسانن کي بارود ۾ ساڙائي ڇڏي ٿو، اهو ڪهڙو قانون جو ڪتاب آهي جيڪو اڄ اُن شخص کي آزاد ڪري رهيو آهي.جنهن پنهنجي دهشت ۽ وحشت سان پوري واديءَ سوات کي جهنم ۾ بدلائي ڇڏيو هو.جڏهن هوُ پڪڙيو ويو، تڏهن اها اميد جاڳي هُئي ته انهن هزارين انسانن جي خون سان انصاف ٿيندو جيڪي اُن جنگ ۾ ماريا ويا هُئا .جيڪا جنگ انهن  جي نه هُئي پر زوري انهن تي مڙهي وئي هُئي پر اُهو قانون جو ڪتاب جيڪو ڪنهن مجبور انسان کي صرف اُن لاءِ پاڻ وٽ ويهه ويهه سال ڪال ڪوٺڙي ۾ بند رکندو آهي ته اُن وٽ چار سئو روپيا نه هوندا آهن جنهن مان هو پنهنجا ڪاغذ پٽ تيار ڪري پنهنجي ضمانت ڪرائي سگهن پوءِ هوُ ويهه ويهه سال اونداهين ڪوٺڙين ۾ بند هوندا آهن.

پر اُن صُوفي محمد لاءِ اڄ اُهي قانون جا ڪتاب لاچار نظر اچي رهيا آهن. جيڪي بڪ شيلفن ۾ بند هوندا آهن.پر انهن ڪتابن کي جڏهن به کوليو ويو آهي ته اهڙن رهزنن کي فائدو پهچايو ويندو آهي جيڪي انسان جي روپ ۾ حيوان هوندا آهن .جيڪي انسانيت جا دشمن هوندا آهن.جيڪي پنهنجي ڏوهاري ذهنيت سان هزارين انسانن کي قبرن ڀيڙو ڪري ڇڏيندا آهن.پر جڏهن وري قانون جي ڪتابن طرف ڏسبو آهي ته انهن جي هر ورقن تي بس گونگا لفظ لکيل هوندا آهن جيڪي بظاهر ته گونگا هوندا آهن.پر انهن انسانن جي روحن کي رنجائيندا آهن. جن روحن جا جسم انهن صُوفي محمد جهڙي ڪردارن  ڪري سڙي رک ٿي ويندا آهن.پر انهن صُوفين کان ڪير به پُڇڻ وارو ڪونهي. جيڪي ظلم جي داستان رقم ڪرڻ لاءِ سوات ۾ به موجود هوندا آهن ته وزيرستان ۾ به!

ڪراچي جي ڪالونين ۾ به موجود هوندا آهن ته پنجاب جي انهن علائقن ۾ به جتي مسيتون گهڻيون ۽ اسڪول نه هُئڻ برابر هوندا آهن!

پر سوال اهو آهي ته انهن قانون جي ڪتابن کي ڇا ٿيو آهي جيڪي ايڏا لاچار نظر اچي رهيا آهن؟! جيڪي اُن صُوفي محمد کي با عزت بري ڪري رهيا آهن. جيڪو ايڪيهن ڪيسن ۾ شامل هُئڻ جي باوجود به آزاد ٿي ويو آهي ۽ اُهي هزارين انسان جيڪي اُن جي ظلم جو شڪار ٿيا ۽ بارود جي باهه ۾ ساڙيا ويا انهن جي لاشن مٿان بس دونهون نظر اچي رهيو آهي. جنهن جي ڪري اُهي لاش دونهين  ۾ غرق آهن. جڏهن اُهو دونهون هٽي ته خبر پئي ته قانون جا ڪتاب ڇا ٿا چون!

پر سوات صُوفي جي زماني ۾ ڪنهن معصوم ٻار جئيان نه هو.پر سوات جهنم جي وادي هُئي.۽ سوات ۾ تمام رهڻ وارا انسان جئڻ جي ڏوهه جي سزا ڀوڳي رهيا هُئا،۽ درد ۾ هُئا!

“بادلن ۾ چنڊ جئين آهي مٿان

زرد آهي

سرد آهي

پر ڪٿي اڄ درد آهي!“

زرد ،سرد ۽ درد سان ڀريل چنڊ اڄ اهيو پُڇي رهيو آهي ته قانون جا ڪتاب اندها،ٻوڙا ۽ گونگا ڇو هوندا آهن؟!!!

هي به ڏسي سگهو ٿا

عاصمه جهانگير هميشه دلين ۾ زنده رهندي

تنوير زمان خان / لنڊن عاصمه جهانگير جي دل هن دنيا کان ڏور هلي وئي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے