21 بدھ , فروری 2018

پابندي پيل تنظيم ٽي ٽي پي 10 ورهين کانپوءِ بينظير ڀٽو جي قتل جي ذميواري قبولي ورتي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پابندي پيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان 10 ورهين کانپوءِ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو تي قاتلاڻي حملي جي ذميواري قبولي ورتي آهي. بينظير ڀٽو جي قتل جو انڪشاف تحريڪ طالبان پاڪستان جي اڳواڻ ابو منصور عالم مفتي نور ولي محسود ”انقلاب محسود“ نالي پڇيل ڪتاب ۾ ڪيو آهي. ٽي ٽي پي اڳواڻ 689 صفحن تي ٻڌل پنهنجي ڪتاب ۾ جتي پابندي پيل جماعت جي اڳواڻن ۽ دهشتگرد ڪاررواين جا تفصيل شامل ڪيا آهن، اتي ئي هن ڪراچي ۾ ڪارساز تي بينظير ڀٽو جي استقبالي ريلي تي ٿيندڙ حملي جي ذميواري پڻ قبول ڪئي آهي. ابو منصور عالم موجب ڪراچي ۾ ٿيندڙ حملي باوجود بينظير جي سيڪيورٽي ۾ واڌ نه ڪرڻ سبب مٿس راولپنڊي ۾ حملو ڪرڻ ممڪن ٿيو.  هن ٻڌايو آهي ته تحريڪ طالبان بينظير ڀٽو کي مارڻ لاءِ ٻن آپگهاتي حملي آورن بلال ۽ اڪرام الله کي راولپنڊي موڪليو هو، بلال اڳ ۾ بينظير تي فائر ڪيو ۽ پوءِ پاڻ کي ڌماڪيدار مادي سان اڏائي ڇڏيو، جڏهن ته واقعي کانپوءِ اڪرام الله فرار ٿي ويو، جيڪو اڄ به جيئرو آهي. طالبان اڳواڻ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته بينظير ڀٽو تي حملو ٽي ٽي پي اڳواڻ بيت الله محسود جي حڪم تي ڪيو ويو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارليامينٽ تي لعنت موڪلڻ وارن کي ايوان ۾ نه هئڻ گهرجي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزي مريم اورنگزيب چيو آهي ته پارليامينٽ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے