17 جمعو , آگسٽ 2018

پشاور ۾ پوليو مهم جو بائيڪاٽ

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور جي هڪ علائقي ۾ ماڻهن 5 ورهين کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئارڻ واري مهم جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي. پوليو جي خاتمي لاءِ هلندڙ سال جي پهرين 5 ڏينهن واري مهم ڪي پي ۽ قبائلي علائقن ۾ ڪالهه کان شروع ٿي وئي آهي، جنهن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ 31 هزار اهلڪارن تي ٻڌل 2145 ٽيمون جوڙيون ويون آهن پر پشاور جي يوسي نمبر 39 شيخ آباد جي پاڙي اسلام آباد جي رهواسين ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. يوسي ناظم شاهد گل موجب ڏيڍ کان ٻه سئو گهر پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن، کين اعتراض آهي ته ان مهم لاءِ لاڳاپيل يوسي بدران ٻين علائقن جي اهلڪارن ۽ رضاڪارن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي. سندس موجب مهم شروع ٿيڻ کان اڳ اسان لاڳاپيل اختيارين کي رهواسين جي دانهن بابت آگاهه ڪيو هو ۽ اعليٰ عملدارن مسئلي جي حل لاءِ خاطري پڻ ڪرائي هئي پر اڃا تائين رهواسين جا مطالبا پورا ناهن ٿيا، جنهن سبب احتجاج طور انهن اهڙو فيصلو ڪيو آهي. هوڏانهن ضلعي انتظاميا عهديدارن موجب جلد مسئلو حل ٿي ويندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Money Laundering Scandal: Asif Zardari by consulting with lawyers After all, the decision to not be submitted in the Supreme Court

مني لانڊرنگ ڪيس: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مني لانڊرنگ اسڪينڊل ۾ بئنڪنگ ڪورٽ جاچ بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے