21 بدھ , فروری 2018

پاڪستان پنهنجي سرزمين تي موجود حقاني نيٽ ورڪ تي ڌيان ڏئي: ايلس ويلز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير جي نائب مددگار ايلس ويلز پاڪستاني حڪومت تي زور ڀريو آهي ته اهي پنهنجي سرزمين تان حقاني نيٽ ورڪ ۽ ٻين دهشتگرد گروهن جي موجودگي جي مسئلي تي ڌيان ڏئي. ايلس ويلز اڄ 16 جنوري تي پاڪستان جو ٻن ڏينهن وارو دورو مڪمل ڪيو. هن پاڪستاني اختيارين سان ملاقات ۾ اسلام آباد سان لاڳاپن کي نئين رستي تي آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، جنهن جي بنياد تي مستحڪم ۽ خوشحال خطي جي مقصد ماڻي سگهجي. اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني طرفان جاري ڪيل بيان موجب ايلس ويلز دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين جو اعتراف ڪندي چيو ته ڏکڻ ايشيا بابت آمريڪي حڪمت عملي هڪ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان قائم ڪرڻ، خطي ۾ داعش کي شڪست ڏيڻ ۽ پاڪستان توڙي آمريڪا لاءِ گڏيل طور خطرو بڻيل دهشتگردن کي شڪست ڏيڻ جي عڪاسي آهي. ايلس ويلز آمريڪي قومي سلامتي جي سينيئر عهديدارن سان گڏ ڪالهه پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري تهمينا جنجوعا سان ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارليامينٽ تي لعنت موڪلڻ وارن کي ايوان ۾ نه هئڻ گهرجي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزي مريم اورنگزيب چيو آهي ته پارليامينٽ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے