21 بدھ , فروری 2018

ڀارت ۽ اسرائيل جي ڳٺ جوڙ کي منهن ڏئي وينداسين: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته اسرائيل مسلمانن جي وڏي علائقي تي قبضو ڪيو آهي، ڀارت ڪشمير ۾ مسلمانن جي علائقي تي قبضو ڪري ويٺو آهي، ڀارت ۽ اسرائيل جا مقصد ساڳيا آهن، ٻنهي ملڪن جي ڳٺ جوڙ اسلام دشمني آهي پر يقين آهي ته اسان پنهنجو بچاءُ ڪري وينداسين. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته پاڪ فوج گذريل چئن پنجن ورهين کان دهشتگردي خلاف ڪاميابيءَ سان جنگ وڙهي رهي آهي، دهشتگردي خلاف ڪاميابيون وڏين قربانين کانپوءِ حاصل ڪيون آهن، اسان جي بچاءَ وارين صلاحيتن ۾ اضافو ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستاني قوم فلسطينين سان جذباتي وابستگي رکي ٿي، پاڪ فوج، حڪومت ۽ قوم ڪنهن به قسم جي خوف، ڳڻتي ۽ گهٻراهٽ جو شڪار ناهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايم ڪيو ايم پاڪستان  ڇڙوڇڙ: پ پ سنڌ مان سينيٽ جون سموريون سيٽون کٽڻ لاءِ متحرڪ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اختلافن جو فائدو وٺڻ لاءِ سياسي پنڊت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے