27 آچر , مئي 2018

سرڪس ۾ شينهن ۽ چيتي حملو ڪري گهوڙي کي رتورت ڪري ڇڏيو، ويڊيو ڏسو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) سرڪس ۾ هونئن ته ڪيترائي مختلف منظر ۽ واقعا سامهون ايندا رهندا آهن پر چين ۾ هڪ اهڙو واقعو پيش آيو آهي، جنهن تي سرڪس انتظاميا کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي ان تي پابندي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. اتر چائنا ۾ هڪ سرڪس جي ريهرسل دوران شينهن ۽ چيتي کي گهوڙي تي سواري جي پريڪٽس ڪرائي پئي وئي، جتي تماشائي پڻ موجود هئا پر حيرت جوڳو واقعو ان وقت پيش آيو، جڏهن شينهن ۽ چيتي گهوڙي تي حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ گهوڙو سخت زخمي ٿي پيو. سرڪس جي اسٽاف ميمبر موجب اهو واقعو عام ڳالهه آهي، سرڪس دوران اهڙا واقعا ٿيندا رهندا آهن، ڪنهن به اسٽاف ميمبر کي جانورن مان خطرو ناهي، ڇو ته اهي ننڍپڻ کان سرڪس ڪري رهيا آهن. اهڙي ويڊيو چائنا جي سوشل ميڊيا سائيٽ ويوو تي منظر تي اچڻ کانپوءِ وڏي انگ ۾ ماڻهن ڏٺي آهي ۽ سرڪس انتظاميا کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن. واهپيدارن انتظاميا کان مطالبو آهي ته اهڙي سرڪس تي سدائين لاءِ پابندي مڙهي وڃي. واضح رهي ته اسڪاٽ لينڊ ۽ آئرلينڊ تازو جهنگلي جانورن جي سرڪس تي پابندي لڳائي آهي ۽ تمام جلد انگلينڊ جي حڪومت به ان تي پابندي لڳائڻ واري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمان ۾ سامونڊي طوفان ميڪونو تباهه مچائي ڇڏي، 5 ڄڻا فوت، 40 گم

مسقط(ويب ڊيسڪ) عمان ۾ سامونڊي طوفان ميڪونو تباهي مچائي ڇڏي آهي ۽ طوفان جي نتيجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے