17 جمعو , آگسٽ 2018

مقتول انتظار جي پيءُ جو ڪار ۾ موجود ڇوڪريءَ کي منظر تي آڻڻ جو مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊفينس ۾ قتل ٿيل نوجوان انتظار جي پيءُ اشتياق احمد مطالبو ڪيو آهي ته ڪار ۾ موجود ڇوڪريءَ کي به سامهون آندو وڃي. صحافين سان ڳالهائيندي اشتياق احمد چيو ته سي سي ٽي وي ڏسڻ کانپوءِ جاچ تي يقين ناهي، پٽ تي ٽارگيٽ فائرنگ ڪئي وئي، مڪمل فوٽيج نه مون کي ڏيکاريا پيا وڃن ۽ نه وري ميڊيا کي ڏنا ويا آهن. سندس چوڻ هو ته ڇوڪري پٽ جي قتل جي اکين ڏٺي شاهد آهي، ان کي سامهون آندو وڃي، ڇوڪري ۽ ان جي فرار ٿيڻ جي سي سي ٽي وي ويڊيو کي ڇو پيو لڪايو وڃي؟. سي سي ٽي وي فوٽيج بابت ڳالهائيندي اشتياق احمد چيو ته انتظار جي گاڏي کي اڳ ۾ ڪاري رنگ جي گاڏي روڪيو ۽ ٻي گاڏي ڏانهن شڪي اشارو ڪيو، جنهن کانپوءِ موٽر سائيڪل تي سوار اهلڪار ساڄي پاسي کان انتظار جي گاڏي تي فائرنگ ڪندو رهيو. هوڏانهن ڊي آءِ جي ڏکڻ آزاد خان جو چوڻ هو ته پوليس طرفان سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڪا ڳالهه ناهي لڪائي وئي، مقتول جي پيءُ کي مک حصو ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو رڪارڊ جو حصو آهي. انتظار سان گڏ موجود ڇوڪري جي سوال تي هن چيو ته اها واقعي جي اکين ڏٺي شاهد آهي، سندس پرائيويسي جو خيال رکڻ به اسان جي ذميواري آهي، ڇوڪريءَ طرفان واردات واري هنڌان وڃڻ ۾ شڪ جي ڪا ڳالهه ناهي، جوابدارن جو موقف آهي ته اهي هڪ گاڏي جي ڳولا ۾ آيا هئا پر اسان انهن جي بيان تي تصديق ڪري رهيا آهيون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Money Laundering Scandal: Asif Zardari by consulting with lawyers After all, the decision to not be submitted in the Supreme Court

مني لانڊرنگ ڪيس: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مني لانڊرنگ اسڪينڊل ۾ بئنڪنگ ڪورٽ جاچ بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے