19 پیر , فروری 2018

وديا بالن بابت ڀارتي فلمساز جو تڪراري بيان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ورسٽائل اداڪارا وديا بالن هميشه پنهنجن منفرد ڪردارن سبب سڃاتي ويندي آهي. سندس گذريل سال جي آخر ۾ ريليز ٿيل فلم ”تمهاري سلو“ ۾ سندس اداڪاري جون تعريفون ڪيون پيون وڃن. رڳو ”تمهاري سلو“ ئي نه پر ” ڊرٽي پڪچر“ ۾ به سندس ڪردار کي ساراهيو ويو، جڏهن ته هو جلدي ئي هڪ فلم ۾ ڀارت جي پهرين وزير اعظم انڌرا گانڌي جو ڪردار ڪندي نظر ايندي. تازوئي وديا بالن چيو هو ته جيتوڻيڪ کيس اولاد ناهي، تنهن هوندي سندس هر فلم هن لاءِ هڪ ٻار جيان هوندي آهي. ”بيگم جان“، ”عشقيا“، ”ڪهاني“ ۽ ”پرينيتي“ جهڙين فلمن ۾ شاندار اداڪاري ڪندڙ وديا بالن کي ٿُولهه ۽ منفرد اسٽائل سبب جيتوڻيڪ پهريان به تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي، تنهن هوندي هاڻي ان جي حوالي سان هڪ ڀارتي فلمساز تڪراري بيان ڏنو آهي. ملايم فلمن جي ڊائيريڪٽر ڪمال هڪ ملايم فلم ۾ وديا بالن طرفان ڪم ڪرڻ جي انڪار جي هڪ سال بعد چيو ته آهي ته سُٺو ٿيو جو اداڪارا هن فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ڊائيريڪٽر ڪمال 2016ع ۾ ڪمالا سريا داس جو ڪردار نڀائڻ لاءِ وديا بالن کي آڇ ڪئي هئي، تنهن هوندي هن ان فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. وديا بالن جي انڪار بعد ڊائيريڪٽر فلم ۾ 40 ورهين جي ملايم اداڪارا منجو وارئير کي ڪاسٽ ڪيو، جنهن ان فلم ۾ بهتر اداڪاري ڪئي. هاڻي هڪ سال بعد جڏهن ان فلم کي ريليز ڪيو ويو ته ڊائيريڪٽر ڪمال وديا بالن جي حوالي سان تڪراري بيان ڏيندي سندس اداڪاري ۽ جسماني بيهڪ کي تنقيد جو نشانو بڻايو. دڪن ڪيرونيڪل موجب ڪمال ملايم ٻوليءَ جي هڪ مشهور ويب سائٽ سان ڳالهائيندي ان ڳالهه تي خدا جو شڪر ادا ڪيو ته وديا بالن فلم ۾ شاعرا جو ڪردار ادا ڪرڻ کان انڪار ڪيو. فلم ڊائريڪٽر وضاحت ڪئي ته وديا بالن بولڊ اداڪارا آهي ۽ جيڪڏهن هو فلم ۾ ڪمالا سريا داس جو ڪردار ڪري ها ته فلم انتهائي بولڊ لڳي ها. ملايم هدايتڪار جو چوڻ هو ته ڪمالا سريا داس عورتن جي بولڊ موضوعن تي لکيو آهي ۽ سندس ڪردار وديا بالن تي ڪري ها ته معاملو خراب ٿي وڃي ها. ڊائريڪٽر جي اهڙي بيان تي هينئر تائين وديا بالن جو ڪو به رد عمل سامهون نه آيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پريانڪا چوپڙا جي آمريڪي صدر ٽرمپ تي هڪ ڀيري ٻيهر تنقيد

ممبئي (شوبز نيوز) ناليواري بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسيم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے