25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

زينب جهڙن واقعن سان ملڪ بدنام ٿي رهيو آهي: خورشيد شاهه

قصور ( ويب ڊيسڪ ) مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته زينب جهڙن واقعن سان ملڪ بدنام ٿي رهيو آهي، برطانوي پارليامينٽ ۾ واقعي تي بحث افسوس جوڳو عمل آهي. قصور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته پنجاب پوليس ۽ وڏو وزير ناڪام ٿي چڪا آهن. هن چيو ته حڪومت جو ڌيان ڪنهن ٻي هنڌ آهي جنهن ڪري قاتل گرفتار نه ٿي چڪا آهن. خورشيد شاهه چيو ته ظلم مان ڇوٽڪاري لاءِ شروع ڪيل تحريڪ جي ڪاميابي جو دارو مدار عوام جي سوچ تي آهي. هن چيو ته نصاب ۾ جنسي استحصال کان بچائڻ لاءِ تعليم جي فراهمي جي حق ۾ آهيون. سندس چوڻ هو ته زينب جي قاتلن کي لڪائيندڙ به گناهه ۾ برابر جا شريڪ آهن. خورشيد شاهه چيو ته اهڙن ظالمن کي گرفتار ڪرڻ خلق خدا جي خدمت آهي، اهڙو واقعو مردان ۾ به ٿيو آهي. هن چيو ته زينب جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪندڙن تي گوليون هلايون ويون. سندس چوڻ هو ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت حڪومت جو فرض هوندو آهي. خورشيد شاهه چيو ته اهڙا افسوس ناڪ واقعا دنيا ۾ ٿيندا آهن ته حڪومتون بي وس نه هونديون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سيف الرحمان جي  ويئر هائوس مان 20 قيمتي گاڏيون هٿ

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) ڪسٽمز انٽيليجنس روايت ويجهو مسلم ليگ ن جي اڳوڻي سينيٽر …