19 پیر , فروری 2018

نيب پي ٽي آءِ اڳواڻ عليم خان خلاف به گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عبدالعليم خان جي پارڪ ويو سوسائٽي جي قانوني حيثيت جاچڻ ۽ ڪاررواين جا تفصيل معلوم ڪرڻ لاءِ نيب ڊائريڪٽر ايل ڊي اي کي طلب ڪري ورتو آهي جڏهن ته اڳوڻي ڊائريڪٽر ميٽرو پوليٽن پلاننگ ونگ شيخ قيوم کي جاچ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي، نيب طرفان کيس نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. اڳوڻي ڊائريڪٽر کان پارڪ ويو سوسائٽي جي قانوني حيثيت پرکڻ بابت جاچ ڪئي ويندي جنهن مان پڇا ڪئي ويندي ته سوسائٽي ۾ ايل ڊي اي جي منظوري کانسواءِ اڏاوت ڪيئن ڪئي وئي ۽ غير قانوني سوسائٽي هئڻ باوجود پلاٽن جي خريد ۽ وڪري کي ڇو نه روڪيو ويو؟ موجوده ڊائريڪٽر ميٽرو پوليٽن محمد مزمل سوسائٽي جي موجوده قانوني حيثيت بابت ٻڌايو ته پارڪ ويو سوسائٽي اڃا غير قانوني آهي، ايل ڊي اي کي سوسائٽي جي منظوري لاءِ رڪارڊ فراهم نه ڪيو ويو آهي جڏهن ته ايل ڊي اي سوسائٽي کي منظور ڪرائڻ جا نوٽيس به جاري ڪيا آهن پر سوسائٽي انتظاميه جي اڃا هوڏ برقرار آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايون فيلڊ ريفرنس: نيب جي پراسيڪيوشن ٽيم جو سربراهه لنڊن روانو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف خلاف ايون فيلڊ پراپرٽيز ريفرنس ۾ شاهدن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے