20 سومر , آگسٽ 2018

سپريم ڪورٽ ۾ دير سان جواب جمع ڪرائڻ تي صديق الفاروق تي 20 هزار رپيه ڏنڊ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ديال سنگهه ڪاليج جي عمارت ڪيس جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ ۾ دير سان جواب جمع ڪرائڻ تي متروڪه وقف املاڪ بورڊ جي چيئرمين تي 20 هزار ڏنڊ وڌو آهي. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ قائم سپريم ڪورٽ جي بئنچ ڪاليج جي عمارت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس جواب دير سان جمع ڪرائڻ تي متروڪه وقف املاڪ بورڊ جي چيئرمين صديق الفاروق تي 20 هزار رپيه ڏنڊ رکيو ۽ حڪم ڪيو ته چيئرمين پنهنجا کيسي مان اها رقم ادا ڪري. چيف جسٽس چيو ته اڳوڻي چيئرمين آصف هاشمي کي به نوٽيس جاري ڪري رهيو آهي، گهرو وزارت مان ڪنهن کي گهرايو وڃي، متروڪه وقف ملڪيت وڪرو ڪري آصف هاشمي ڪاڏي هليو ويو آهي، صديق الفاروق جي تعليمي قابليت ڇا آهي. وڪيل ٻڌايو ته صديق الفاروق گريجوئيشن ڪئي آهي، چيف جسٽس چيو ته گريجوئيشن سميت سندس سياسي وابستگي به اهم آهي. وڪيل چيو ته عدالت صديق الفاروق جي سياسي وابستگي سان گڏ سندس ڪارڪردگي به ڏسي. چيف جسٽس چيو ته متروڪه وقف ملڪيت تي سڀاڻي يا پريئن اج، فيصلا ڏنا ويندا. سپريم ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ريلوي ۾ ڪنهن به قسم جي سياسي مداخلت برداشت نه ڪبي: شيخ رشيد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے