18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

مومل جي ماڙي ۾ افغاني پٺاڻن جو راڄ، واهن جي ڪپرن تي لکين رپين جي مٽي کڻي وڪڻڻ لڳا، پوليس ۽ اختياريون خاموش

مومل جي ماڙي (ويب ڊيسڪ) افغاني پٺاڻن مومل جي ماڙي ۾ ديرا ڄمائي ڇڏيا، مومل جي ماڙي ۽ ڀرپاسي جي واھن لنڊي واهه، قاضي واهه، ٻنڌ مائنر جي ڪپرن مان غير قانوني مٽي کڻي وڪرو ڪري ھڪ ڏينھن اندر لکين رپيا ڪمائڻ لڳا، واھن مان سري عام غير قانوني مٽي کڻندڙ افغاني پٺاڻن خلاف ڪنھن بھ ڪاموري نوٽيس نھ ورتو جڏهن ته پٺاڻ واھن مان غير ڪانوني مٽي کڻڻ کان پھرين آبپاشي کاتي جي ڪامورن کي ٺيڪ ٺاڪ رشوت ڏيئي بعد واھن جي ڪپرن مان مٽي کڻڻ لڳا. آبپاشي ڪامورن کي رشوت ملڻ ڪري مٽي کڻندڙ واھن ۾ اڃان تائين پاڻي به ناھي ڇڏيو ويو افغاني پٺاڻ علائقي جا مالڪ بڻجي ويا، پٺاڻن مومل ماڙي پوليس کي بھ رازي ڪري ڇڏيو مٽي جي في ٽالي تھ 50 رپيا ڪميشن ڏني ويندي .افغاني پٺاڻن جون مٽي سان ڀريل ٽاليون وچ شھر مان گذرڻ سبب سڄو شھر مٽي جي ور چڙهي ويو ۽ شهر ۾ ڪاروبار متاثر پيو ٿئي جنهن تي شھري اتحاد افغاني پٺاڻن خلاف پريس ڪلب ٻاھران سخت احتجاج ڪيو. ان موقعي تھ شھري اتحاد اڳواڻ شاهه خالد، مهراڻ سنڌي، حامد علي ۽ ٻين عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو تھ پٺاڻن جون مٽي سان ڀريل ٽاليون وچ شھر مان گذرڻ سبب سڄو شھر مٽي ٿي ويو آھي، شھرين اعليٰ اختيارين کان گھر ڪئي تھ فوري طور تھ پٺاڻن خلاف ڪاروائي ڪري شھرين کي تڪليف کان بچايو وڃي هوڏانهن مومل جي ماڙي جي سياسي، سماجي ۽ قوم پرست اڳواڻن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته تھ فوري طور تھ غير قانوني طور واھن مان مٽي کڻندڙ افغاني پٺاڻن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فاروق ايڇ نائيڪ  طرفان آصف زرداري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي ترديد

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سينئر وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري گرفتاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے