24 ہفتہ , فروری 2018

انٽرا پارٽي چونڊن ۾ تحريڪ انصاف کان وڌيڪ تفصيل طلب

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن انٽرا پارٽي ڪيس ۾ تحريڪ جي تفصيلن کي نامڪمل قرار ڏيندي وڌيڪ دستاويز طلب ڪري ورتا، جڏهن ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ اڪبر ايس بابر  جي وڌيڪ دستاويز ڏيڻ جي درخواست رد ڪئي وئي. چيف اليڪشن ڪمشنر پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ ڪيس جو فيصلو اڄ ٻڌائڻ بدران ملتوي ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي جمع ڪرايل دستاويزن کي نامڪمل قرار ڏنو. چيف اليڪشن ڪمشنر پي ٽي آءِ کان انٽرا پارٽي چونڊن ۾ ووٽن جا تفصيل طلب ڪيا. تحريڪ انصاف جي وڪيل شاهد گوندل بئنچ کي آگاهه ڪيو ته انٽرا پارٽي چونڊن ۾ ايس ايم ايس ذريعي پولنگ ڪرائي وئي. اليڪشن ڪميشن ٻيهر تفصيل طلب ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي 24 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ وڌيڪ تفصيلن جي جاچ بعد پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت درخواستن تي فيصلو ٻڌايو ويندو. ٻئي طرف  اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي به ٻڌڻي ڪئي وئي جنهن ۾ درخواستگذار اڪبر ايس بابر نوان دستاويز جمع ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو. اڪبر ايس بابر جي وڪيل چيو ته تحريڪ انصاف کي ڊنمارڪ، قطر، بحرين سميت ٻين ملڪن مان پابندي مڙهيل فنڊنگ ٿي جنهن تي سندس اصيل وڌيڪ دستاويز ڏيڻ چاهي ٿو. اليڪشن ڪميشن چيو ته ڪميشن پي ٽي آءِ جي فنڊنگ بابت ڇنڊ ڇاڻ پاڻ ڪندو. اليڪشن ڪميشن اڪبر ايس بابر جي درخواست رد ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي 7 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ڪنگز جي پي ايس ايل ٿري ۾ فتح سان انٽري

دبئي (اسپورٽس نيوز) ڪراچي ڪنگز جي ٽيم ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي 20 رنسن تان شڪست ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے