23 اربع , مئي 2018

برطانوي اسڪول ۾ روزو رکڻ ۽ حجاب پائڻ تي پابندي لاڳو

لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانيا جي هڪ وڏي سرڪاري اسڪول ۾ ننڍڙين شاگردياڻين جي حجاب پائڻ ۽ روزي رکڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. برطانوي ميڊيا رپورٽن موجب لنڊن جي علائقي نيوهم جي سينٽ اسٽيفن پرائمري اسڪول اداري ۾ تعليم حاصل ڪندڙ مسلمان ٻارڙين جي حجاب پائڻ ۽ روزي رکڻ تي مڪمل پابندي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اسڪول انتظاميا تعليم کاتي کان يونيفارم ۾ پاڻمرادي تبديلي ڪندڙ شاگردياڻني خلاف به ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. اسڪول انتظاميا والدين تي زور ڀريو آهي ته تدريس جي قوت دوران ٻارن کي رمضان جا روزا رکڻ نه ڏنا وڃن ۽ روزي جي حالت ۾ شاگردياڻين کي اسڪول نه موڪلن. ڄاڻايل اسڪول جي چيئرمين آف گورنر عارف قوي تعليم کاتي کي لکت ۾ تجويز ۾ چيو ته اسڪول کي سفارشن کي نافذ العمل ڪرڻ لاءِ خاص قدم کنيا وڃن. عارف قوي چيو ته اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪندر شاگردياڻيون موڪلن وارن ڏينهن ۾ روزا رکن تنهن هوندي تدريسي ڏينهن ۾ روزو نه رکن ڇو ته ڪيمپس ۾ ٻارن جي صحت ۽ انهن جي حفاظت جي سموري ذميواري انتظاميا تي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نعيم الحق جو رويو ”پري پلانڊ“ هو  : دانيال عزيرز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وفاقي وزير دانيال عزيز چماٽ واري واقعي تي نعيم الحق جي رويو کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے