24 ہفتہ , فروری 2018

سڌي فائرنگ جي اجازت ناهي، انتظار واقعي کي مثال بڻائي ڇڏينداسين: سهيل انور سيال

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته جيڪڏهن پوليس ئي پنهنجي شهرين تي فائرنگ ڪري ته عوام جو ڀروسو نه رهندو آهي، انتظار واقعي کي هڪ مثال بڻايو ويندو جيئن اڳتي ڪير به ايئن نه ڪري سگهي. هڪ انٽرويو ۾ سهيل انور سيال چيو ته دنيا ۾ ڪٿي به جوابدار تي سڌي فائرنگ جي اجازت نه هوندي آهي،  توهان تيستائين فائرنگ نه ٿا ڪري سگهو جيستائين جوابدار هٿياربند نه هجن. هن چيو ته ڪراچيءَ جي علائقي ڏکڻ ۾ چوري ۽ ڦرلٽ جي واقعن ۾ اضافي سبب سادن ڪپڙن ۾ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو هو پر اهو مطلب ناهي ته سڌي فائرنگ ڪئي وڃي. سندس چوڻ هو ته ڪيس جو هڪ جوابدار روپوش آهي جنهن جي ڳولا جاري آهي. سهيل انور سيال چيو ته پوليس ۾ لڪل ڪارين رڍن کي سامهون آندو ويندو. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي ايم ڪيو ايم لنڊن جي اڳواڻ پروفيسر حسن ظفر جي موت بابت جاچ ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته سلطان خواجه جي سربراهيءَ ۾ پوليس جي جاچ ٽيم قائم ڪئي وئي آهي سندس نالو سٺي ساک رکندڙ آفيسرن ۾ شامل آهي. سهيل انور سيال چيو ته سلطانه خواجه جي سربراهيءَ ۾ ڪميٽي تنهن ڪري جوڙي وئي آهي ته جيئن معاملي تي رڳو ڪاغذي ڪارروائي مڪمل نه ٿي پر شفاف انڪوائري چاهيون ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ڪنگز جي پي ايس ايل ٿري ۾ فتح سان انٽري

دبئي (اسپورٽس نيوز) ڪراچي ڪنگز جي ٽيم ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي 20 رنسن تان شڪست ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے