21 بدھ , فروری 2018

نيوز: تربت ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي فائرنگ،  5 اهلڪار شهيد ۽ 6 زخمي

تربت ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي اڻڄاتل دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 5 اهلڪار شهيد ۽ 6 زخمي ٿي پيا.

 ليويز ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي تربت کان شپڪ وڃي رهي هئي ته ان دوران اڻڄاتل دهشتگردن سندس گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي ڪلٽي ٿي پئي جڏهن ته فائرنگ ۾ 5 اهلڪار شهيد ۽ 6 زخمي ٿي پيا.

ليويز ذريعن موجب زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي ۽ علائقي کي گهيري ۾ آڻي دهشتگردن جي ڳولها شروع ڪري ڇڏي آهي.

 هوڏانهن بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو فورسز جي گاڏي تي حملي جي سخت مذمت ڪندي قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽چيو تھ  دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قرباني ڏيندڙ شهيد اسان جا هيرو آهن

هي به ڏسي سگهو ٿا

رات نائين وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-02-20

نواز شريف پارليامينيٽ کي عدليا خلاف استعمال ڪري رهيو آهي: عمران خان سنڌ حڪومت پي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے