21 بدھ , فروری 2018

سانڊي جيان رنگ مٽائيندڙ سياسي صورتحال

ڊاڪٽر در  محمد پٺاڻ

ڪي واقعا قدرتي ٿين ته ڪي هٿ راڌو، هٿ راڌو واقعن جو مقصد ۽ پس منظر ٿيندو آهي. سياسي حوالي سان ”نواز شاهي“ جي خاتمي کان پوءِ  ملڪ ۾ جيڪو وهي واپري ٿو ۽ جيئن انهن واقعن کي اليڪٽرانڪ ميڊيا ٻڌائي ۽ اسان کي نچائي ٿي. اهي ڪنهن نه ڪنهن حڪمت عملي ۽ مستقبل جي نئين جوڙ جڪ واري سوچ جو نتيجو آهن. سمورن سياستدانن کي واري وٽيءَ سان ڏٺو ڪرڻ، کين ڪرپشن جو بادشاهه ثابت ڪرڻ، نواز شريف جي وائويلا، اسلام جو ڌرڻو، عمران خان جي شادي ۽ هاڻي ننڍڙين نياڻين سان جنسي ڏاڍائي جا واقعا انهي عمل ۽ رد عمل ۽ تسلسل جو نتيجو آهن. بنهه اهڙي نموني ڪن سياستدانن جي هڪ پارٽي ڇڏي ٻيءَ پارٽيءَ طرف ڀاڄ به اجائي ڪانهي پر ڪنهن گهربل تبديليءَ جي تقاضا آهي.

حالتن جا دهل ٿا وڄن پر اسان ڪنن ۾ ڪپهه وجهي ويٺا آهيون، سياست جو سانڊو رنگ به مٽائي ٿو پر اسان ان کي ڏسڻ لاءِ تيار ناهيون، ڇا ٿي رهيو آهي ۽ اسان جو سڀاڻو ڪهڙو ٿيندو؟ ان کان اسان بي پرواهه ٿي ويٺا آهيون، جڏهن ته حالتن ۽ واقعن تي غور به ڪبو ته منزل طرف وڌڻ ۾ وڏي مشڪل پيدا ٿيندي.

نواز شريف جون دانهون ئي ڪوڪون ته ”مون کي ڇو ڪڍيو ويو؟“ ڀلي هن جي درد جي ڪهاڻي هجي پر ان ۾ اسان لاءِ پيغام آهي ته هن ملڪ ۾ مٿاهين قوت ڪا ٻي آهي جيڪا ڪنهن کي ڪرسيءَ تي ويهارڻ ۽ ڪرسيءَ تان اٿارڻ جي طاقت رکي ٿي، اها ئي طاقت آهي، جنهن هر ڪنهن ڪک کي لک بڻايو ۽ لک کي ڪک بڻائي ڏيکاريو. نواز شريف کي حالت انهيءَ موڙ تي آڻي بيهاريو آهي جو هو کلي طرح عدليا ۽ فوج جي ڪردار تي ڳالهائي ٿو ۽ عام ماڻهوءَ جي انهن بابت راءِ جوڙي ٿو ته ماڻهو انهن بابت جيڪڏهن ڪجهه چئي نه ٿا سگهن ته سوچن ضرور.

نواز شريف جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن، اهي جيڪڏهن ڪنهن ٻئي صوبي جو سياسي اڳواڻ ڪري ها ته ابتو ٽنگيو وڃي ها. نواز شريف جون اهي رڙيون ڪرڻ ته واري وٽيءَ سان ڪي وزيراعظم ڪڍيا ويا ته ڪي ٽنگيا ماريا ويا، اهو اهڙو سچ آهي جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته سچ لڪائي نه ٿو سگهجي ۽ جيئن زلزلو پٿريلي زمين کي ڦاڙي ٻاهر نڪري ٿو تيئن سچ به پاڻ کي مختلف ذريعن سان پڌرو ڪري ٿو. پوءِ اهو سچ دوست جي واتان هجي يا ڪوڙي ماڻهوءَ جي زبان هجي، سچ ڪنهن مناسب وقت ۽ حالتن ۾ اتان ظاهر ٿيندو ۽ ٿي سگهندو.

نواز شريف هڪ وڏي ڇڙڪائيندڙ ڳالهه ڪئي آهي، هن مجيب الرحمان جا سمورا ڏوهه هتان جي ماڻهن ۽ حاڪمن جا ڏوهه چيا آهن ۽ هن کي بي قصور ثابت ڪيو آهي، انهيءَ تي اسان لکيو به آهي ۽ اهو اخبارن ۾ به ڇپيو آهي ته بنگلاديش جو جهنڊو ڪراچيءَ ۾ ئي جوڙيو ۽ تجويز ڪيو ويو ۽ هن جا بنگالي ماڻهن جي حق ۾ پيش ڪيل ”ڇهه شرط“ مغربي حصي جي حڪمرانن ئي تجويز ڪيا، لکيا ۽ مجيب الرحمان تائين پهچايا.

اسان کي مجيب الرحمان جي سياست تي ڳالهائڻو ڪونهي پر نواز شريف جي اهڙي ڳالهه جو تاڃو پيٽو ۽ پيش منظر ڳولڻو آهي، ڇا ايئن ته ناهي ته حالتون ”گريٽر پنجاب“ ۽ ”گريٽر بلوچستان“ ۽ ”سنڌ جي تقسيم“ لاءِ رستا ته هموار ڪو نه پيا ٿين؟ ڇا نئين ورلڊ آرڊر جي تڪميل ۾ هن ملڪ جا سياستدان پنهنجو ڪردار ته ادا نه ڪري رهيا آهن؟ جڏهن ته ملڪ جون وڏيون سياسي پارٽيون ملڪي سطح تي حڪمراني ڪرڻ بدران صوبن تائين محدود ٿي چڪيون آهن. مثال پيپلز پارٽي سنڌ ۾ پي ٽي آءِ خيبرپختونخوا ۽ مسلم ليگ (ن) پنجاب تائين حڪمراني جي حوالي سان محدود ٿي ويون آهن ته اها صورتحال ملڪي اتحاد ۽ وفاقي اتحاد تي اڳتي هلي ڪهڙا اثر وجهندي؟.

نواز شريف جي دانهن ۽ ڪوڪن کان پوءِ اسلام آباد ۾ طويل ترين مدت وارو ڌرڻو لڳو. اها پوليس جيڪا هاڻي پنجاب جي شهر شهر ۾ ماڻهن تي سڌيون گوليون هلائي ٿي ۽ ماڊل ٽائون ۾ ماڻهو ماري طاهر القادري کي سياست ڪرڻ جو موقعو ڏئي ٿي، سا پوليس اسلام آباد واري خادم جي ڌرڻي ۾ صبر ۽ تحمل سان پنهنجون ٽنگون ٻاهون ڀڃرائي ٿي. اهو به ايئن ٿو لڳي ته ڪنهن حڪمت عمليءَ جو نتيجو آهي، هنن جي ڏوري به ڪنهن ٻئي طاقت جي هٿ آهي، ماڊل ٽائون ۾ ان ڪري ماڻهو ماريا ويا ته انهيءَ کي اڳتي هلي ڪنهن مناسب وقت تي ملڪي سياست جي رخ مٽائڻ ۾ ڪتب آندو وڃي. هن ڪالم ڇپجڻ کان ترت پوءِ اها ڌماچوڪڙي لڳندي ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي الله ٻڌندو جو هنن کي نچڻ ۽ نچائڻ لاءِ موقعو ملي ويندو.

عمران خان جي شاديءَ واري مسئلي کي اٿارڻ ۽ اڀارڻ ۽ ان تي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ڏينهن جا ڏينهن بحث مباحثا ڪرڻ جو به مقصد هو. ان مان عوام جي رد عمل کي سڏڻ جو مقصد ٿي سگهي ٿو ۽ ان حوالي سان عام راءِ جوڙڻ جي ڪوشش ٿي سگهي ٿي. نواز ليگ هن واقعي مان فائدو وٺي حڪمران ٿيڻ جي خواهش رکندڙ عمران جي ڪردار جي کل لاهڻ کان ڪين گهٽايو. ٻين پارٽين جي اڳواڻن ان کي ذاتي مسئلو ڄاڻي عمران خان تي ڪا ڪڙي تنقيد ڪا نه ڪئي پر ڪن ماڻهن اها راءِ قائم ڪئي ته اهو ماڻهو جيڪو پنهنجي هر هڪ شاديءَ جي مسئلي کي اسڪينڊلائيزڊ ۽ متنازعه بڻائي ٿو. ازدواجي زندگيءَ ۾ استحڪام، مستقل مزاجي ۽ نڀاءَ کي ضروري نه ٿو ڄاڻي ۽ هڪ گهرواري ڇڏي ٻي گهر واري تلاش ڪري ٿو، سو اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ پنهنجي فيصلن ۽ کنيل قدمن تي ڪيتري قدر ثابت قدم رهندو؟.

عمران خان جي انهيءَ مسئلي کان ترت پوءِ ننڍڙن ٻارن سان جنسي ڏاڍائي جا واقعا رونما ٿين ٿا. انهن ۾ هڪ قسم جو جهڙوڪ تسلسل ۽ هڪ جهڙائي لڳي ٿي. هي واقعا اسان کي ”هٿوڙا گروپ“ جي قائم ٿيڻ ۽ بي گناهه ماڻهو مارڻ جي واقعن جي ياد ڏيارين ٿا، ايئن ٿو لڳي ته هنن اڪثر واقعن پٺيان ڪا منظم سازش آهي ۽ اهي هٿوڙا گروپ وانگر ڪنهن حڪمت عمليءَ طور رونما ٿي رهيا آهن. هڪ ٻئي پٺيان ائين ۽ اهڙيءَ ريت واقعن ٿيڻ پٺيان وڏي کان وڏو راز اهو آهي ته ماڻهن جو ڪنهن وڏي مسئلي تان توجهه هٽائڻ لاءِ اهڙن انوکن ۽ ڇڪرائيندڙ اوقعن کي جنم ڏنو وڃي. سياسي چالبازين ۾ اهڙن واقعن سان ماڻهن جي ذهنن ۾ ”مفروضا“ قائم ڪري سگهبا آهن ته جيئن هر ڪنهن ذهن ۾ ڪا الڳ ۽ پنهنجي ڳالهه هجي ۽ هر ڪنهن زبان تي ڪو الڳ موضوع هجي ۽ ماڻهو هڪ سوچ ۽ ساڳي سوچ رکي متحد قوم نه ٿين. ان ڪري قوم کي قوم ٿيڻ بدران گروهن ۾ تقسيم ڪيو ويندو ۽ انهن جي وسعتن کي گهٽائي محدود ڪيو ويندو آهي. هن سبب ڪري ئي هاڻي وفاق پرست ۽ وفاقي سڏائيندڙ پارٽين جي حڪومت صوبن تائين محدود ٿي وئي آهي، پوءِ اهي ڇو نه قومي ڪهاڻيون ٻڌائن ۽ وفاقي گيت ڳائين.

سو پاڻ اها پئي ڳالهه ڪئي ته اسان جي ملڪي سياست جو سانڊو رنگ بدلائي رهيو آهي. ان ڪري واقعن پٺيان واقعا جنم وٺن ٿا، ڪي ماڻهو انهن کي ڏسي نچن ٿا ته ڪي مونن ۾ منهن وجهي انهن تي سوچين ٿا، اچو ته اسان به سوچڻ ۽ لوچڻ وارا ٿيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سينيٽ جون ٿيندڙ چونڊون ۽ ايم ڪيو ايم ڌماچوڪڙي

ڊاڪٽر نثار علي شاهه سينيٽ اليڪشن هينئر کان ئي هڪ درد ڀريو داستان بڻجي وئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے