15 اربع , آگسٽ 2018

سائين جي ايم سيد جي سالگره پروگرام ۾ هي رستا روڪ ڇو؟

 زرار پيرزادو

  • سڀاڻي سائين جي ايم سيد جي 114هين جنم ڏينهن جي موقعي تي روايتي انداز سان سالگره ملهائي پئي وڃي.
  • اها سالگره جيڪا سائين جي ايم سيد جي جيئري به هڪ سگهاري سياسي روايت بڻجي چڪي هئي.
  • سائين جي ايم سيد جون گذريل 113 سالگراهون ته روايتي انداز سان ۽ خيرخوبيءَ سان ملهايون ويون پر هي پهريون موقعو آهي جو ان سالگره ملهائڻ واري عمل ۾ ”رستا روڪ“ ڪئي پئي وڃي.
  • رپورٽون آهن ته رينجرس جي وڏن اٽالن سائين جي ايم سيد جي مزار جي گرائونڊ کي اڌ ڪلاڪ تائين ڪڙو چاڙهيو ۽ سن شهر سميت ڪيترن شهرن ۾ لڳل جيئي سنڌ جا جهنڊا به لاٿا ويا.
  • ايئن ته ماضيءَ ۾ ڪڏهن به ناهي ٿيو، نه ضياءَ جي مارشل لا ۾ ائين ٿيو، نه مشرف جي مارشل لا ۾، نه ئي ماضي جي سول حڪومتن ۾.
  • ها سائين جي ايم سيد نظربند ضرور ٿيندو رهيو هو پر سندس سالگره تقريب کي روڪڻ جي ان نوعيت جي ڪوشش، اڳ ڪڏهن به نه ٿي هئي.
  • اسان هر دور ۾ ان خوش فهمي ۾ رهياسين ته وقت گذرڻ سان ملڪي اسٽيبلشمينٽ ماضيءَ جي غلطين مان سکندي ۽ ان روشنيءَ ۾ ملڪ کي سياست لاءِ سازگار ماحول مهيا ڪندي.
  • پر لڳي ايئن ٿو ته وقت اڳتي ۽ اسان جي ملڪي اسٽيبلشمينٽ ان ئي رفتار سان پوئتي سفر ڪري رهي آهي ۽ ملڪ، سياست لاءِ نوگو ايريا بڻائيندي پئي وڃي.
  • اسٽيبلشمينٽ کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته هي گهڻ قومي ملڪ آهي ۽ گهڻ قومي ملڪ ۾ هر قوم کي پنهنجن مفادن سان جيئڻ جو ۽ سياست ڪرڻ جو حق هوندو آهي.
  • رياست ۽ حڪومت کي اهو حق ته ضرور آهي ته اها ڏوهه ۽ ڪرپشن خلاف ڪارروائي ڪري سگهي ٿي پر خالص سياسي سرگرمين کي نٿي روڪي سگهي.
  • جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ ڪنهن سياست کي ملڪ لاءِ خراب ٿي سمجهي ته ان جو ٽوڙ اهو آهي ته اها انهن ڪارڻن کي فڪري طور ختم ڪري جن سبب اهڙي سياست جنم وٺي ٿي، جنهن کي اها پنهنجي لاءِ هاڃيڪار سمجهي ٿي.
  • اسٽيبلشمينٽ پنهنجي پاليسيءَ تي نظرثاني ڪرڻ بدرارن غلطين مٿان غلطيون ڪرڻ جي رستي تي هلي رهي آهي.
  • مثال طور تي سائين جي ايم سيد جون هن ئي ملڪ اندر سندس جيئري ۽ مرڻ پڄاڻان 113 سالگراهون ٿيون پر هاڻي 114هين سالگره تي غير ضروري طور تي هڪ ڇڪتاڻ جو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي.
  • باوجود ان جي ته اسٽيبلشمينٽ کي خبر آهي ته سائين جي ايم سيد هاڻي ڪنهن هڪ فرد يا سياسي رهبر جو نالو ناهي پر هو سنڌين جي قومي وجود جي علامت بڻجي ويو آهي.
  • سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته سائين جي ايم سيد جي سالگره تقريب ۾ رستا روڪ جي معنيٰ سنڌين جي قومي وجود کي مڃڻ کان انڪار آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هڪ آرٽسٽ جي رنگن جو ٿيل قتل

امير ڀنڀرو سنڌ سالن کان ڀوڳي پئي ڪڏهن غربت جي لڪير هيٺ ته، ڪڏهن ڪرپشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے