20 سومر , آگسٽ 2018

اسيمبلي ميمبرن لاءِ ثقافتي لباس امتحان بڻجي ويو

 علي نقرچ

سنڌ جي ثقافت ۽ روايتن بابت  بابت وڏن کان گهڻو ٻڌو ان کانپوءِ پاڻ   پرکيو ۽ هاڻ اسان پاڻ ئي روايتن ۽  ثقافت جا ڌڻي آهيون، موهن جو دڙو هجي يا ان کان اڳ جي ڪهاڻي موجودهه دور جا معاملا هجن سنڌ جون روايتون ۽ ثقافت هر حال ۾ جاري آهي، ڪجهه سالن کان ثقافت کي هٿي ڏيارڻ لاءِ هليل مهم به عوام ۾ وڏو ولولو پيدا ڪيو، ان سلسلي جي ڪڙي ئي کڻي چئجي ته ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي پراڻي بلڊنگ ۾ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڪوٺايو ويو، اسپيڪر آغا سراج احمد دراني ميمبرن کي تجويز ڏني ته هو پنهنجي روايتن کي اڳتي وڌائڻ چاهين ٿا ۽ ان ڪري ئي پراڻي بلڊنگ ۾ اجلاس ڪوٺايو آهي، ان ڪري سمورا ميمبر اجلاس ۾ اچڻ لاءِ پنهنجي ثقافتي ويس پهري اچن، پر اسيمبلي جي ايوان ۾ اٽڪل 70 سيڪڙو ميمبرن ان تي عمل نه ڪيو، باقي 30 سيڪڙو ميمبر  ڀرت ڀريل ڪپڙا، چادرون، اجرڪ ۽  ٽوپيون پائي آيا،ان ۾ نوٽ ڪرڻ جهڙي ڳالهه اها آهي ته ايوان ۾ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، سينئير وزير نثار کهڙو، محمد علي ملڪاڻي، ممتاز جکراڻي،  ثقافت وارو وزير سيد سردار شاهه پاڻ به اجرڪ توڙي ٽو پي پائي نه آيا، ايوان ۾ اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، انفارميشن وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه، ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا، ضياءُ الحسن لنجار، مڪيش ڪمار چاولا، ڊاڪٽر کٽو مل، شميم ممتاز، نصرت سحر عباسي،  ۽ ٻيا  اجرڪ ٽوپيون پائي آيا، ايوان ۾ ثقافت واري وزير جي بنا اجرڪ ۽ ٽوپيءَ جي ايوان ۾اچڻ تي مخالف ڌر جي ميمبرن مٿس ٺٺول ڪئي، جنهن تي سينيئر وزير نثار کهڙي ڳالهائيندي چيو ته اسان کي پنهنجي ثقافت سان پيار آهي پوءِ ڀلي ڪنهن کي ٽوپي اجرڪ پاتل هجي يا نه، ان باوجود آئون تجويز ڏيندس ته اجلاس دوران ئي اجرڪ گهرائي سمورن ميمبرن کي ڏنا وڃن، اهو بهتر رهندو، ان دوران اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، نثار کهڙي کي مخاطب ٿيندي چيو ته رڳو اجرڪ ڏيکاريو نه وڃي پر ميمبرن کي پارايو وڃي، ان دوران نند ڪمار گوڪلاڻي، رئوف صديقي، محفوظ يار خان ۽ ٻين  مميبرن به ڳالهايو.

اسپيڪر  آغا سراج دراني چيو ته سنڌاسيمبلي جو هي ايوان تاريخي آهي، هي ايوان اسان جي وڏن هلايو، اسيمبلي ميمبرن، صحافين سميت سمورن ما ڻهن جي مهرباني جيڪي پنهنجي ثقافت سان پيار ڪندي ثقافتي ويس وڳا پائي ايوان ۾ آيا آهن، هن چيو ته هاڻي اها روايت برقرار رکنداسين ته هر سيشن مان هڪ ڏينهن پراڻي بلڊنگ ۾ اجلاس ڪوٺايو وڃي، جنهن جي سموري ايوان حمايت ڪئي، ايوان ۾ پ پ ايم پي اي ڪلثو م چانڊيو  وڏي وزير سميت مختلف ميمبرن کي اجرڪون پارائيندي رهي، سکر مان چونڊيل ايم پي اي سيد اويس قادر شاهه کي اجرڪ پائڻ لاءِ ڏني وئي ته هن نه ورتي، ايوان ۾ ميمبرن تي تنقيد کانپوءِ صوبائي وزير سيد  ناصر حسين شاهه جي هدايت تي ڪجهه اجرڪ ايوان ۾ آندا ويا، جيڪي سرڪاري بئنچن تي ويٺل وزيرن ۽ميمبرن کي ڏنيون ويون، سيد ناصر حسين شاهه جي اشاري بعد سيد اويس قادر شاهه کي ٻيهر اجرڪ ڏنو ويو جيڪو هن ڪلهن تي رکيو، اهڙي طرح سينيئر وزير نثار کهڙي، محمد علي ملڪاڻي سميت مختلف ميمبرن کي پڻ اجرڪ ڏنا ويا پر ان اجلاس دوران ئي ثقافت کي سرڪاري بئنچن تي ويٺل وزير توڙي ميمبر وساري ويٺا، ثقافت ۽ روايت صرف ڳالهائڻ جي حد تائين نه هوندي آهي پر ان تي عمل به ڪيو ويندو آهي، سنڌ جي ثقافت ۽ روايت تي ان جي روح وٽان عمل ٿيندي ايوان ۾ نظر نه آيو، ڇاڪاڻ ته سنڌ سرڪار جي سينيئر وزير نثار کهڙي پاران ايوان ۾ سمورن ميمبرن کي اجرڪ پارائڻ جي ڳالهه ڪئي وئي پر عمل نه ڪيو ويو جيڪڏهن ڪجهه عمل ٿيو ته اهو  به سرڪاري بئنچن تي ويٺلن لاءِ ٿيو، اهو عمل سنڌ جي روايتن ۽ ثقافت  وٽان نه آهي، ان ڪري سنڌ سرڪار ۽ ثقافت واري وزير کي سنڌ جي ثقافت ۽ روايتن جي خلاف وڃڻ بدران ان جي اصل روح مطابق عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهيدن جي شهر جي تباهي جو ذميوار ڪير

 ڪامران چانڊيو ايم آر ڊي تحريڪ ۾ پنهنجو سينو تاڻين وڙهندڙ خيرپورناٿن شاهه جي نوجوانن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے