27 آچر , مئي 2018

ڪراچي ۾ وري بدامني جو جن بوتل کان ٻاهر ٿي ويو!

امير ڀنڀرو

سڄي دنيا ۾ اڌ صدي کان روشنين جي شهر طور سڃاڻپ رکندڙ شهر ڪراچي جتي روشنين جو رقص اڌ صدي کان انهيءَ تعارف کي قائم ۽ دائم رکندو پيو اچي ته هو روشنين جو شهر آهي، روشنين جي انهيءَ شهر جتي ترقي، خوشحالي، امن ۽ سڪون جا ڪي ئي مثال قائم ڪيا، اتي انهيءَ شهر هزارين ۽ لکين انهن سازشن جو به مقابلو ڪيوآهي، جنهن سازشن هميشه اها ڪوشش ڪئي آهي ته ڪراچي شهر جي سڃاڻپ امن، سڪون ۽ خوشحاليءَ سان نه پر دهشتگردن جي مورچي، ڀتي خوريءَ جي پرچي ۽ ٻوري بند لاشن سان سڃاڻپ رهندي اچي، مان هتي پنهجي ملڪ جي آرمي، رينجرز ۽ پوليس جي انهن جوانن جو ذڪر به ضرور ڪندس، جن جوانن جي حوصلي ۽ قربانين سان ڪراچيءَ جي ٽيهن سالن کان انهيءَ سڃاڻپ ڀتو، قتل ۽ ٻوري بند لاشن مان بدلائي ڪراچيءَ جي اها سڃاڻپ بحال ڪرائي، جنهن ڪراچيءَ جي خوشبو شيخ اياز کي به موهي وجهندي هئي، شايد ڪراچيءَ جي اها سڃاڻپ انهي ڪراچيءَ جي سازشي قوتن کي پسند نه آهي، جن هميشه ڪراچيءَ جي امن کي رت جي راند ۾ روليو، جن ڪراچيءَ کي دهشت جو اهو شهر بڻايو جنهن جو نالو وٺڻ سان ئي خوف طاري ٿي ويندو هو، هاڻي وري هڪ دفعو ٻيهر اهڙو واءُ گهلي رهيو آهي ۽ روشنين جي انهيءَ شهر ۾ اهڙي سازش پلي رهي آهي، جنهن سازشن مان اها بوءِ اچي پئي ته ڪراچيءَ مٿان اهي سازشون لامارا ڏئي رهيون آهن، جن سازشن ڪراچيءَ شهر کي ڪڏهن به امن جو شهر رهڻ نه ڏنو، اسان جڏهن ڪراچيءَ مٿان سازشن جي ڳالهه ڪنداسين ته پوري سنڌ جي ذهنن آڏو اهي سازشون ڪندڙ چهرا سامهون اچي ويندا، جنهن چهرن جي پوري سنڌ کي ڄاڻ آهي ۽ پوري سنڌ انهن چهرن کي سڃاڻي ٿي، جيڪي امن پسند، سنڌ ۽ صوفي ازم جي پوئي لڳ سنڌ جي شهر ڪراچيءَ کي بارود جو ڍير بڻائيندا اچن ٿا، ڪراچي ۾ جڏهن به ڪا سياست ٿي آهي انهيءَ سياست مان بارود جي بوءِ آئي آهي ۽ انهي ئي سياست ڪراچيءَ کي بارود سان سلامي ڏني آهي، جنهن ڪراچيءَ انهن چهرن کي پنهجي ڪک ۾ پالي نپائي وڏو ڪيو، وري هڪ دفعو ٻيهر 30 سالن ۾ پنجاهه هزار کان مٿي جانيون ضايع ڪندڙ ڪراچيءَ جي سياست وري انهي سياسي اونداهي ڏانهن وڃي رهي آهي، جنهن سياست ڪراچيءَ کي صرف ۽ صرف بدامنيءَ جي باهه ڏني.

هن وقت جڏهن اليڪشن ويجهو اچڻ جو ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن، تڏهن کان ڪراچيءَ ۾ ، اسٽريٽ ڪرائيم، ڀتو ۽ ٻوري بند لاش اچڻ شروع ٿي ويا آهن، اهي ڪراچيءَ جي سياست جي ڪاميابيءَ جا اهي راز آهن، جن رازن ۾ لڪندي هميشه ايم ڪيو ايم ڪراچيءَ جي سياست ۾ هٿ ٺوڪ ڪاميابيون ورتيون آهن، اها سڄي دنيا کي خبر آهي ته ايم ڪيو ايم اليڪشن ڪيئن کٽي ايندي آهي، ايم ڪيو ايم ڪراچيءَ ۾ ڪيئن اڪثريت حاصل ڪندي آهي، هاڻي به ڪراچيءَ جون حالتون اهڙي سازشن ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪن پيا، جنهن جي پهرين نشاني اها ظاهر ٿيڻ شروع ٿي آهي ته ڪراچيءَ مان امن غائب ٿي ويو آهي، ڪراچيءَ جا روڊ رستا ويران ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪن پيا، ڪراچيءَ جي گهٽي گهٽيءَ ۾ خوف حراس پيدا ٿي ويو آهي، انهي سازشن جا پيرا ڪيڏانهن وڃن پيا، اها سڄي سنڌ کي خبر آهي ته ايم ڪيو ايم ايندڙ اليڪشن جي تياريءَ لاءِ ڪراچيءَ جي اهڙي حالاتن کي هٿي ڏئي پئي، جڏهن ته ڪراچيءَ جي حالتن کي سامهون رکندي 2016ع جي انگن اکرن مان به هڪ اندازو وٺون ٿا ته ڪراچيءَ مٿان ڪهڙيون سازشون ٿي رهيون آهن ۽ امن پسند ڪراچيءِ ۾ بدامنيءَ جي باهه ڪير پيو دکائي، سال 2016ع ۾ پهرين جنوريءَ کان 31 ڊسمبر تائين ڪراچيءَ ۾ 1125 ماڻهون قتل ڪيا، 132 ڄڻا تشدد ڪري قتل ڪيا ويا، 30 بم ڌماڪن ۾ 11 شهري ماريا ويا، جڏهن ته ڪراچي ۾ 2523 لاش مليا، جيڪي بنا لاشن جي دفن ڪيا ويا، جڏهن ته 317 ماڻهن کي ڀتي ۽ اغوا لاءِ قتل ڪيو ويو ، 64 بئنڪون ڦرجي ويون، جنهن ۾ اربين رپين جي ملڪيت به هئي، هڪ هزار 419 گاڏيون چوري ۽ ڦر ڪيون ويون، 25 هزار 909 موٽر سائيڪل ڦر ۽ چوريون ڪيون ويون، 30هزار 382 موبائيل فون ڦر ۽ چوري ڪيا ويا، هي ڪراچيءَ ۾ بدامنيءَ جا اهي انگ اکر آهن، جيڪي رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته اهي به انگ اکر ان جيترا ئي هوندا جيڪي رپورٽ ٿي نه سگهيا آهن،

هي ڪراچيءَ جو هڪ ننڍڙو عڪس آهي، جيڪو انهن ڀيانڪ حالتن جي اڳڪٿي ڪري ٿو ته اڃا به ڪراچيءَ ۾ بدامنيءَ جو اهو طوفان اچڻو آهي، جيڪو صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم جي اليڪشن تياري آهي، ڪراچيءَ جي سياست ۾ متحدا هميشا ٻٽي پاليسي ۽ ملڪ دشمني واري سياست ڪئي آهي، جنهن جا پوري دنيا آڏو ثبوت به سامهون اچي چڪا آهن، دنيا جي عالمي عدالتن ۾ هنن جي قائد ۽ هنن جي ڪارڪنن مٿان اهي الزام لڳي نه پر ثابت ٿي چڪا آهن ته هنن جي سياست صرف ۽ صرف ملڪ دشمنيءَ تي قائم ڪئي، ايم ڪيو ايم ڪراچيءَ جي سياست ۾ نسل پرستيءَ واري باهه ڀري هميشه پنهنجا سياسي ۽ اليڪشن جا مقصد حاصل ڪيا آهن، هنن کي ڪڏهن به عوام جي تڙپ نه رهي آهي، جنهن جو ثبوت هي آهي ته هنن پنهنجن ئي اردو ڳالهائندڙ ڀائرن کي پنهنجن جا ئي پنجاهه هزار کان مٿي لاش کڻڻ تي مجبور ڪيو آهي، ڪراچيءَ جي سياست ۾ صرف ۽ صرف لساني بنيادن جو سهارو وٺي اليڪشن ۾ ڪاميابي وٺندڙ ايم ڪيو ايم هميشا ڪراچيءَ کي هٿ سان وٺي تباهه ڪيو آهي، هنن سياست کي خدمت به پر رتوڇاڻ سان سڃاڻپ ڏني، جنهن سياست ڪراچيءَ ۾ رت جون نديون وهائڻ کانسواءِ عوام کي ڪجهه به نه ڏنو، ڪراچيءَ جي سياست جي هر رڳ ۾ نسل پرستيءَ جي بدبوءِ ڀريندڙ ايم ڪيو ايم خلاف سنڌ جي انهن ڌرين کي اڳتي اچڻ گهرجي، جيڪي سنڌ جو دل ۾ درد رکن ٿيون، اسان سڀني سنڌ پرست دوستن کي گهرجي ته هاڻي جڏهن ايم ڪيو ايم اليڪشن جي تياريءَ ۾ بدامنيءَ جي باهه ٻارڻ جي سازش ڪري رهي آهي، اتي سنڌ دوست ڌرين کي ڪراچيءَ جي سياست ۾ اهڙي جاندار سرگرمي ڪرڻ گهرجي، جيڪا سياسي سرگرمي انهن جي مڪمل رستا روڪ ڪري سگهي، اسان ڏٺو آهي اسان جا قومپرست ڀائر ڪراچيءَ جي حوالي سان ڳالهيون وڏيون ڪندا آهن پر جڏهن عمل جو وارو ايندو آهي ته انهي وقت اسان کان سڀ سرگرميون وسري وينديون آهن، اهڙي سست صورتحال اسان کي هميشا نقصان کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو آهي، جيڪڏهن اسان اڃا به ماضيءَ جي نقصانن مان سبق نه ورتوسين ۽ اسان اڃا به سڄاڳ نه ٿياسين ته ڪراچي اسان جي هٿن مان نڪري ويندو ۽ ڪراچيءَ ۾ 12 مئي سميت هر سنگين ڏوهن جا مک ڪردار اسان کان ڪراچيءِ ۾ جيئڻ ۽ مالڪيءَ جي دعويٰ تان به هٿ کڻڻ تي مجبور ڪندا، اچو ته اهڙي تاريخي تهمت کڻڻ کان بچڻ ۽ سنڌ جا مياري ٿيڻ کان پاڻ بچائڻ لاءِ ڪراچيءَ شهر جي مالڪيءَ لاءِ ڳالهين نه پر عملي جدجهد ڪري اهڙي سگهاري قوت بڻجون جو اهڙي سازشن جا منهن اسان جي همت ۽ حوصلو ڏسي پاڻ ئي شڪست تسليم ڪن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ سرڪار ۽ پ پ قيادت کي کنڀيل ماڻهن جي مالڪي ڪرڻ گهرجي

فياض چنڊ ڪليري آچر ڏهاڙي سنڌ جي گادي ڪراچي جي پريس ڪلب ٻاهران سنڌ منجهان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے