19 جمعہ , جنوری 2018

اليڪشن ۽ احتساب گڏوگڏ ٿيڻ گهرجن: سراج الحق

 سکر(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته اليڪشن 2018ع ۾ آهي، اليڪشن ۽ احتساب گڏوگڏ ٿيڻ گهرجن، ملڪ جي عوام جو علاج ڪرپٽ حڪمرانن وٽ ناهي. سکر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته آئون سڀ کان پهرين پاناما ليڪس تي عدالت ويس، پاناما ليڪس ۾ ايندڙ سمورن ماڻهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي. جماعت اسلامي جي امير چيو ته شهباز شريف ڏينهن جي روشني ۾ حالتن کي منهن ڏئي سگهي ٿو، وڏو وزير مقتول ٻارڙي جي گهر رات جي اونداهي ۾ ويو، اهڙا واقعا موجوده نظام جي ناڪامي جي مثال آهن. سراج الحق چيو ته حڪمرانن جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي، قصور ۾ 7 سالن جي ٻارڙي سان ظلم ٿيو، زينب جو لاش 5 ڏينهن کان پوءِ گند جي ڍير تان مليو، عوام احتجاج ڪيو ته 2 وڌيڪ لاش تحفي طور ڏنا ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي ڪا به گنجائش ناهي: وزير اعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے