23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز:مورو:رهواسي ڇهن ڏينهن کان گم ، نوجوان جي وارثن کي اڻڄاتل نمبر تان فون،ڀنگ طلب

موري شهر جو رهواسي ڇهن ڏينهن کان گم آهي ، سندس گمشدگي تي وارث سخت اذيت مان گذري رهيا آهن .

ملڪ ڪالوني جو رهواسي   اميرالله  ڀٽو ڇھن ڏينھن کان گم آھي جنھن جي ڪري سندس امڙ کي بيھوشي جا دورا پئجي رھيا آھن جڏھن ته  سندس گھر واري ۽  پٽ سخت پريشان آهن .

گم ٿيل امير الله جي سئوٽ يوسف ڀٽو  عوامي آواز ٽي وي کي ٻڌايو ته کين فون ڪري  امير الله جي بازيابي لاءِ 60 لک روپيا ڀنگ گهريو ويو آهي.

هنن چيو ته هو مسڪين ماڻهو آهن هنن لاءِ  گهر جي چلهه ٻارڻ ئي مشڪل آهي ته اهي 60 لک ڪٿان ڏيندا

هنن آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کان مطالبو ڪيو ته امير الله ڀٽو کي بازياب ڪرائي سندن اڱڻ تي خوشيون واپس آنديون وڃن……………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز |ڳڙهي ياسين: ڊاڪٽرن پاران ايس ايڇ او جي ڏاڍاين خلاف سڀاڻي او پي ڊي بند رکڻ جو اعلان

ڳڙهي ياسين ۾ 4 ڏينهن اڳ مارجي ويل ابراهيم شر جي پوسٽ مارٽم تان ايس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے