18 سومر , جون 2018

نيوز:راجارستي: چورن جو مارڪيٽ ۾ کاٽ، لکين رپين جو سامان چوري، احتجاج

راجارستي ويجهو نامعلوم چور مارڪيٽ ۾ کاٽ هڻي لکين رپين جو سامان چوري ڪري ويا.

صوفي فقير ٿاڻي جي حد ڍورو نارو موڙ جي راڄڙ مارڪيٽ ۾ نامعلوم چور هڪ ئي رات ٽن دڪانن کي کاٽ ھڻي 8 لک روڪ ۽ ٻيو  سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا.

چور وسيم راڄڙ جو ميڊيڪل اسٽور ۽ جرنل اسٽور، غلام نهڙي جي ريزڪي دڪانن جون ڇتيون ٽوڙي سامان ۽ پئسا ٻهاري ويا.

شهر ۾ وڌندڙ بد امني ۽ چوري خلاف دڪاندارن مارڪيٽ بند رکي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

هنن ضلعي انتظاميھ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ وڌندڙ بد امني کي ٻنجو ڏئي چوري ٿيل سامان  واپس ڪرايو وڃي ، ٻي صورت ۾ احتجاج جو  دائرو وڌايو ويندو……..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Kandhkot's crude operations in the region, inam golo recovery

نيوز: ڪنڌڪوٽ  جي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن، انعام گولو بازياب

 ڪنڌڪوٽ پوليس 2 مهينا اڳ اغوا ٿي ويل  ڳوٺاڻي انعام گولي کي بازياب ڪرائڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے